ڪوٽڏيجي ۾ شاگرد پسٽل جا فائر ڪري آپگهات ڪري ڇڏيو

ڪوٽڏيجي (ن ع آ)ڪوٽڏيجي ٿاڻي جي حد ڳوٺ خانڻ ٻرڙو ۾ پنجين ڪلاس جي شاگرد 15 سالا نوجوان عرفان علي ولد ھزار خان ٻرڙو گهر اندر پاڻ مٿان پسٽل جي مبينا فائر ڪئي جنهن جي نتيجي ۾ نينگر سخت زخمي ٿي پيو جنھن کي وارثن ڳڻتي جوڳي حالت ۾ سول اسپتال خيرپور منتقل ڪيو ويو جتي هن دم ڌڻي حوالي ڪري ڇڏيو  اطلاع تي پوليس پهچي نينگر جو لاش تحويل ۾ آڻي تعلقه اسپتال ڪوٽڏيجي آندو ويو جتي فوتي نينگر جو لاش پوسٽ مارٽم بعد وارثن حوالي ڪيو  ويو علائقي مان معلوم ٿيو ته نينگر اسڪول مان جيئن گهر آيو جتي گھرواڻت بڻت تان نينگر پاڻ مٿان پسٽل جا فائر ڪري آپگهات ڪري ڇڏي آهي هوڏانهن رابطو ڪرڻ تي پوليس موجب فوتي نينگر جي وارثن جو چوڻ هو ته اسان جي ڪنهن سان دشمني ناهي نينگر معمولي ڳالهه تان ڪاوڙ ۾ اچي فائر ڪري آپگهات ڪيو وڌيڪ واقعي جي جاچ ڪري رهيا آهيون.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.