ڀرياسٽي لڳ سم نالي ۾ نوجوان ٻڏي ويو، لاش جي ڳولا جاري

ڀرياسٽي ( رپورٽ: مجيد ڪيريو ) ڀرياسٽي ويجھو ڳوٺ صفر قزاق واسي 35 ورھين جو شادي شدھ نوجوان جاويد پٽ غازي خان قزاق ڳوٺ لڳ سم نالي جي ڍوري جي ڍنڍ ۾ ٻڏڻ وڃڻ جي اطلاع تي ڀرپاسي جي ڳوٺن جا سوين ڳوٺاڻا ڍنڍ تي پھچي ويا، جڏھن نوجوان جي وارثن پاران ڳوٺاڻن جي مدد سان پنھنجي مدد پاڻ نوجوان جي پاڻي جي ڍنڍ ۾ ڳولھا ڪئي،  جڏھن ته 16 ڪلاڪ گذرڻ باوجود نوجوان جو لاش ھٿ نه اچي سگھيو،  ھوڏانھن رابطو ڪرڻ تي نوجوان جي وارثن ۽ ڀاءُ  ڌڻي بخش قزاق ٻڌايو ته ڀاءُ رات 3 وڳين ڌاري گھران نڪتو آھي، اسان ڪلاڪ بعد سندس جي پويان ويا سين ته سندس ڪپڙا ڍنڍ جي ڪپر تان مليا آھن، جنھن بعد ڳوٺاڻن جي مدد سان ڪيترن ئي ڪلاڪن جي ڳولھا باوجود ھن مھل تائين ڪوبه ڏس پتو نه پيو آھي، سندس کي ٽن پٽن ۽  ٻن نياڻين جو اولاد آھي، جڏھن ته آخري اطلاعن تائين نوجوان جي ڳولھاجاري آھي، ٻئي پاسي نوجوان جي گھر مايوسي ڇانيل آھي

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.