ڳڙهي حسن لڳ بدامني، چوريون روز جو معمول، احتجاج

ڳڙهي حسن (ن ع آ ) ڳڙھي حسن ڀرسان ڪريم بخش کوسو ٿاڻي جي حد  محمود منشي بروهي مارڪيٽ مان اڻڄاتل چور محمد ابراهيم کوسو جي دوڪان جا تالا ٽوڙي دوڪان ۾ رکيل پنجاهه هزار روڪ قرض جو بوڪ ٻه ڪٽا کنڊ چار ڪارٽون گيهه چانه ٻه ڪٽا چانور سگريٽ سميت چاليهه پنجتاليهه هزار جو سامان به کڻي ويا دوڪان مالڪ محمد ابراهيم کوسو ٻڌايو ته منهنجو دوڪان مان چور چوري ڪري ويا هن وقت ايس ايڇ او ڪريم بخش کوسو مون وٽ لڙي به ڪونه آيو ان واقعي خلاف دوڪاندارن محمد ابراهيم کوسو محمد عامر کوسو اعجازعلي کوسو ۽ عبدالڪريم خان گولو احتجاج ڪندي چيو ته ڪريم بخش کوسو ٿاڻي جي ايس ايڇ او رضامحمد کوسو جي اچڻ سان ئي بدامني جي باه تيز ٿي وئي هنن ڊي آءِ  جي لاڙڪاڻو  ۽ ايس پي جيڪب آبادکان نوٽيس وٺڻ جي اپيل ڪندي چيو ته ڪريم بخش کوسو ٿاڻو تي ايماندار ايس ايڇ او مقرر ڪري ۽ چوري ٿيل پئسه ۽ سامان واپس ڪرايو وڃي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.