پني لڳ ٽرالر ڊرائيور يرغمال، ڦر لٽ بعد ڇڏيو ويو

پنوعاقل ( ت ر )گذريل رات نامعلوم ھٿياربندن ٽرالر  کي بيھاري ڊائيور تي ڪنٽرول ڪري ٻن ڄڻن قالو ۽ جمال الدين پنجاب واسين کي يرغمال ڪري ڪچي طرف کڻي ٽن ڪلاڪن تائين ڦر لٽ ڪرڻ بعد ڇڏيو ويو، ان ڏس ۾ قومي شاھراھ تي بيٺل ماڻھون جو چوڻ آھي ته نامعلوم ھٿياربندن اغوا ٿيلن کي ڪچي طرف کڻي وڃڻ کانپوءِ کين جي خيسي ۾ پيل روڪ رقم موبائيل فون ۽ ٻيو سامان کسي ڇڏيو ويو آھي،ھوڏانھون گاڏي ڊائيور پاران ڏوھارين جي خوف کان رستي ۾ ئي ڪلٽيءِ ٿيڻ ڪري وڏو نقصان ٻڌايو وڃي،

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.