پيرڳوٺ مان 6 لک رپين جي ماليت جا ٽائر چوري، احتجاج

پيرجوڳوٺ (ن ع آ)پيرجوڳوٺ جي راشدي گيٽ وٽ قائم ٿيل ارشد علي خاصخيلي جي ٽائر شاپ مان نامعلوم هٿياربند دڪاندار جا تالا ٽوڙي آ چر واري رات جو 6 لک رپيه ماليت جا ٽائر ۽ هڪ موٽرسائيڪل کڻي فرار ٿي ويا آھن متاثر دڪاندار ارشد علي خاصخيلي جي اڳواڻي ۾ دڪاندارن ۽ شھرين احتجاجي مظاھرو ڪري پوليس خلاف نعريبازي ڪئي، مظاھرين دانھيندي چيو ته پيرجوڳوٺ ڏوھارين جي رحم ڪرم تي هلي رھيو آھي اسان مسڪين ماڻهن پلاٽ کپائي ۽ اوڌر کڻي سکر ۽ ڪراچي مان ٽائر گهرائي روزگار ڪري رھيا آھيون پر هٿياربندن اسان جي ٻچڙن جي روزي به ڇني ورتي آھي، هن دانھيندي چيو ته اهڙو اطلاع پيرجوڳوٺ پوليس کي ڏنو آھي پر ڪوبه تدارڪ نه پيو ٿئي. هن آءِ جي سنڌ، ڊي آءِ جي سکر ۽ ايس ايس پي خيرپور کان گھر ڪئي آھي ته چوري ٿيل ٽائر ۽ موٽرسائيڪل واپس ڪرائي مونسان انصاف ڪيو وڃي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.