ايس يو پي وومين فرنٽ جي مرڪزي چونڊ، شيبا مغل صدر ٿي وئي

فريدآباد ( ن ع آ) سنڌ يونائيٽيڊ پارٽي وومين فرنٽ جو ٻه سالا ڪنوينشن ٿي گذريو جنهن ۾ ايس يو پي جي مرڪزي جنرل سيڪريٽري روشن ٻرڙو، مرڪزي خزانچي مختيار علي ميمڻ، اليڪشن ڪاميٽي جي مرڪزي چيئرمين روشن ڪلهوڙو، اليڪشن ڪاميٽي جا ميمبر فتاح جانوري، لاڙڪاڻي ڊيوزن صدر ڊاڪٽر مظهر مغل، ايس يو پي جي ڪارڪنن ۽ ليڊيز ونگ جي ڪارڪنن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي، ايس يو پي وومين فرنٽ جي  مرڪزي چونڊ ڪرائي وئي جنهن ۾ شيبا مغل بنا مقابلي صدر چونڊجي وئي، سينيئر نائب صدر ياسمين ٿيٻو، نائب صدر ستارا تنيو، جنرل سيڪريٽري روحانه ڦلپوٽو، ڊپٽي جنرل سيڪريٽري طيبه ابڙو، پريس سيڪريٽري فرزانه جمالي، خزانچي روبينه عمراڻي چونڊجي ويون.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.