لاڙڪاڻي ۽ ڀرپاسي ڪوهيڙي ۾ اضافو ٿي ويو

لاڙڪاڻو(ڊ ر) لاڙڪاڻي شهر ۽ ڀرپاسي ۾ سخت ڪوهيڙي سبب ٿڌ ۾ اضافو ٿي ويو ۽ اڪثر روڊن تي ٽريفڪ معمول کان گهٽ ڏسڻ ۾ آئي، سخت سرديءَ سبب شهرين جي گهڻائي صبح جي وقت گهرن تائين محدود رهي. سوئي سدرن گيس ڪمپني طرفان شهر جي اڪثر علائقن ۾ گيس پريشر گهٽتائي ۽ لوڊشيڊنگ سبب عورتن کي رڌپچاءَ ڪرڻ ۾ مشڪلاتن جو منهن ڏسڻو پئجي ويو. ٻئي پاسي ڪوهيڙي سبب امڪاني حادثي کان بچڻ لاءِ موٽر وي پوليس طرفان گشت کي وڌائيندي تيز رفتاري سان گاڏيون هلائيندڙ ڊرائيورن کي بيهاري کين هدايت ڪئي وئي ته هو لائيٽون ٻاري گهٽ اسپيڊ تي گاڏيون هلائن. موسميات کاتي موجب لاڙڪاڻي شهر ۽ ڀرپاسي جي علائقن ۾ صبح جي وقت 5 سينٽي گريڊ رڪارڊ ڪيو آهي موسم خشڪ هئڻ سان ٿڌ جي نئين لهر ايندڙ ڪجهه ڏينهن تائين جاري رهندي ۽ صبح جي وقت سخت ڪوهيڙي توڙي رات جي وقت ٿڌ ۾ اضافي جا به امڪان آهن.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.