رائونتي لڳ ڌاڙيلن وٽان آزاد ٿيل ۽ سندس وارث ايس ايس پي آفيس پهتا

رائونتي ( ن ع آ  ) ڪجھه ڏينھن اڳ ڌاڙيلن جي چنبي مان ايس ايس پي گھوٽڪي اظھر علي خان مغل جي ھدايتن تي ايس ايڇ او رائونتي غلام عباس سندراڻي پاران پوليس مقابلي بعد بازياب ڪرايل سرحد واسي سانوڻ ميمڻ جي وارثن عنايت ميمڻ شھزادو۔ سانوڻ ميمڻ  گزريل ڏينهن  صحافي عابد ميمڻ جي اڳواڻي ۾  ايس ايس پي گھوٽڪي اظھر علي خان مغل سان ملاقات ڪري ايس ايس پي اظھر خان مغل ۽ ايس ايڇ او رائونتي غلام عباس  سندراڻي کي گلن جا ھار پھرائي سنڌ جي ثقافت ٽوپي اجرڪ جا تحفا ڏيئي شڪريو ادا ڪيو، ان موقعي تي بازياب ٿي ويل مغوي جي وارثن جو چوڻ هو ته اڳوڻي ايس ايس پي موجوده ڊي آءِ جي سيد پير محمد شاهه جي گھوٽڪي ضلعي مان تبادلي بعد ھي واحد ايس ايس پي گھوٽڪي اظھر خان مغل آھي، جنھن گھوٽڪي ضلعي ۾ امن و امان جي صورتحال کي يقيني بڻايو آهي

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.