جوهي ۾ بدامني، سماجي اڳواڻ جي گهر مان هزارين روپين جو ڌاڙو

جوهي (ن ع آ ) جوهي شھر اندر چورين ۽ بد امني جو آزار نه گهٽيو گذريل رات جوهي جو سماجي سوشل ورڪر درزي عبدالفتاح ٿهيم جي گهر ۾ نامعلوم چور  داخل ٿي هڪ بيٽري , چار ليڊيز وڳا بيڊ جي چادر چار هزار کان وڌيڪ رقم ۽ ٻيو قيمتي گهرو سامان ٻھاري ويا اهڙي چوري جي واقع بعد سماجي اڳواڻ عبدالفتاح ٿهيم صحافين ۽ سماجي ماڻھن جي وفد سان جوهي ٿاڻي تي پهچي ٿيل چوري بابت رپورٽ لکرائي ۽ ٿاڻي تي موجود هيڊ محرر منير چانڊيو ۽ ننڍي منشي شجاع پنهور چيو ته اسان پوليس چوري ٿيل جاء واردات تي موڪليون ٿا مگر سڄو ڏينهن گذرڻ باوجود چورن جيان پوليس به غائب رهي بعد ۾ سماجي اڳواڻ عبدالفتاح ٿهيم ميڊيا وارن اڳيان احتجاج ڪندي داهيو ته چوري به اسان جي ٿي آھي ٿاڻن تي پريشان به اسان آھيون هن چيو ته نا انصافي آھي جو جوهي ۾ ڪٿي به پوليس نظر نٿي اچي اسٽريٽ ڪرائم سميت چورين ڦرين جو آزار ڏينهون ڏينهن وڌي رهيو آھي  هن چيو ته ڪنهن به محلي اندر پوليس پڪٽ يان گشت ناهي پوليس ٿاڻي اندر پوليس گردي ۽ پنهجي رياست قائم ڪري ڇڏي آھي جو جوهي شھر اندر سرعام نشو وڪرو پيو ٿئي جنهن ۾ نوجوان نسل تباهي جي ڪناري تي پهتو آھي مگر پوليس ڀتو اوڳاڙڻ ۾ پوري آھي هن چيو ته هڪ هفتي اندر ٿيل چوري واپس نه ٿي ته جوهي پوليس خلاف احتجاجي مظاهرن ڌرڻن جواڻ کٽ سلسلو شروع ڪيو ويندو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.