عمرڪوٽ ۾ فنڪشنل ليگ جو اجلاس،بلديتي نظام رد

عمرڪوٽ (ڊ ر) عمر ڪوٽ ۾ فنڪشنل ليگ جو اجلاس ضلعي صدر فقير مگهن مڱريو جي صدارت هيٺ ٿيو، جنهن ۾ چئني تعلقن پٿورو، عمرڪوٽ، سامارو ۽ ڪنري سميت ايم ايس ايف،  ليبر ونگ ۽ منارٽي ونگ جي عهديدارن شرڪت ڪئي. اجلاس ۾ پير شاهه مردان شاه جي يوم وصال ۽ ڪوهه مري سانحي تي دعا مغفرت گهري وئي ۽ بلدياتي نظام خلاف اربع تي احتجاج  ڪرڻ واري اعلان کي حتمي شڪل ڏني وئي.اجلاس کي فقير مگهن مڱريو، فقير لياقت علي جوڻيجو،  فقير رمضان راجڙ، فقير علي بخش مڱريو، وڪيل ڀاگچند ڀيل، حاجي محمد حسين مڱريو، غازي خان سمون، حاجي عمر مڱريو، جلال الدين، فقير سليم مهر ۽ ٻين خطاب ڪندي چيو ته نئين بلدياتي نظام کي فنڪشنل ليگ رد ڪري ٿي، هن نظام تحت هيٺئين سطح جي ڪمن ڪارن ۾ ماڻهن کي تمام گهڻي تڪليف ٿيندي.

  • انگلش پريمئر ليگ ۾ 12 جنوري تي وڌيڪ 2 ميچن جو فيصلوٿيندو

لندن (اي پي پي ) انگلش پريمئر ليگ ۾ 12 جنوري تي وڌيڪ 2 ميچن جو فيصلو ٿيندو . پريمئر فٽ بال ليگ جا دلچسپ مقابلا انگلينڊ ۾ جاري آهن . انگلش پريمئر ليگ ۾ 12 جنوري تي کيڏي ويندڙ پهرين ميچ ۾ سائوٿمپٽن  ۽ برينٽ فورڊ جي ٽيمن وچ ۾ مقابلو سينٽ ميري اسٽيڊيم ، سائوٿمپٽن ۾ ٿيندو .برينٽ فورڊ جي ٽيم 23 پوائنٽس سان 12 هين نمبر تي آهي جڏهن ته سائوٿ ٿمپٽن جي ٽيم 21 پوائنٽس سان ٽيبل تي 14 هين نمبر تي آهي . ٻين ميچ ۾ ايورٽن ۽ ليسٽر سٽي جون ٽيمون مقابلو ڪنديون . ٻنهن ٽيمن وچ ۾ اها ميچ گڊيسن پارڪ ، ليور پول ۾ کيڏي ويندي . ليسٽر سٽي جي ٽيم 25 پوائنٽس سان ٽيبل تي 10هين نمبر تي آهي .جڏهن ته ايورٽن جي ٽيم 19 پوائنٽس سان 15 هين نمبر تي آهي

  • اردن ۾ فائيو جي موبائل انفراسٽريڪچر سروسز شروع ڪرڻ جو اعلان

عمان (م ڊ ) اردن جي وزيراعظم بشير الخصاونه ملڪ ۾ 5 جي موبائل انفراسٽريڪچر سروسز شروع ڪرڻ جو اعلان ڪيو آهي . سرڪاري خابرو اداري وزيراعظم جي حوالي سان ٻڌايو ته هن ڪسٽم سڌارن کي اڳتي وڌائڻ ، ٽيلي ڪميونيڪشن انڊيسٽري کي ترقي ڏيڻ ۽ روزگار کي بهتر بڻائڻ لاءِ ملڪ ۾ جي موبائل انفراسٽريڪچر سروسز شروع ڪرڻ جو منصوبو بڻايو آهي

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.