ھوسڙي ۾ پيرسن ڪئبين ھلائيندڙ تي پوليس جو تشدد، فوت

ھوسڙي رپوٽر(روشن علي شورو)اڄ  صبح سوير سائيٽ پوليس پرائيويٽ گاڏي ۾ سوار ٿي بغير پوليس وردي جي  ليبرڪالوني ۾ ڪئبين مالڪ اسي سالا لطيف جٽ جي ڪئبين تي چڙھائي ڪري بزرگ شھري کي ڌڪا ڏيندي بدڪلامي ڪندي ڪئبين مان ھيٺ لاھي حراسان ڪيو جنهن سبب بزرگ شھري صدمي ۾ اچي بيھوش ٿي ويو. پوليس جي وھشاڻي ڪاروائي ۾ فوتي بزرگ شھري جي پٽ امجد جٽ صحافين کي ٻڌائيندي چيو ته صبح 9 وڳي ڌاري ھر روز جيان اڄ به منهنجو  والد لطيف جٽ ڪئبين کولي ويٺو ھيو ته  بغير وردي جي سائيٽ پوليس اي ايس آئي اختيار پنھور جي اڳواڻي ۾ ڪئبين مٿان چڙھائي ڪري منهنجي اسي سالا والد سان منهن ماري ڪندي ذھني ۽ جسماني تشدد ڪري  زبردستي تلاشي ورتي جنهن سبب منھنجو بزرگ  والد صدمي ۾ اچي بيھوش ٿي ويو.ھن چيو ته بيھوشي واري حالت ۾ چڙھائي ڪري آيل پوليس عملدار محمد خان ڊوگر ۽ ٻين سول ڪپڙن ۾ ملبوس  پوليس اھلڪارن جي موجودگي ۾ سول اسپتال حيدرآباد کڻائي وياسين پئي ته  صدمي جي سٽ نه سھندي رستي ۾ ئي دم ڌڻي حوالي ڪيو.فوتي جي پٽ  چيو ته  مضر صحت مين پڙي ھلائڻ جي شق ۾ ھڪ ڏينهن پھرين به پوليس اھلڪارن ڪئبين جي تلاشي ورتي پر تلاشي باوجود کين ڪجھ نه مليو ھيو. ھن وڌيڪ چيو ته پوليس جو ڪم آهي عوام جي جان ۽ مال جي حفاظت ڪرڻ پر سائيٽ پوليس مين پڙي جي آڙ ۾ عام شھرين کي حرانسان ڪري عمر رسيدا ماڻھـن جي تذليل ڪري  کين موت جي ننڊ سمھاري  رھي آھي جنهن کان ڪوب پڇڻ وارو ناھي.ھن آئي جي سنڌ ۽ وزيري اعليٰ سنڌ کي اپيل ڪندي گھر ڪئي آھي ته ڄاڻايل پوليس اھلڪارن کي فوري طور تي معل ڪري مٿن منهنجي والد لطيف جٽ جي قتل جو ڪيس داخل ڪيو وڃي.ٻئي طرف ايس اڇ او سائيٽ اسلم پرويز جو چوڻ آھي ته لطيف جٽ مضر صحت مين پڙي  انڊين گھٽڪو ھلائي ٿو اھڙي اطلاع تي پھتاسين ته لطيف جٽ پوليس جي روب ۽ دٻدٻي سبب صدمي ۾ اچي بيھوش ٿي ويو جنهن جي ڪري سندس موت واقعي ٿي وئي آھي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.