ٽنڊو آدم عدالت مان اجتماعي لڄالٽ ڪيس جا جوابدار گرفتار

ٽنڊو آدم ( ن ع آ ) ٽنڊي آدم جي سٽي ٿاڻي جي حد غوثيه ڪالوني ۾ ڪجھ مهينا اڳ  بيواھ ياسمين ملڪ جي گهر ۾ داخل ٿي ساڻس اجتماعي زيادتي جي ڪوشش ڪندڙ  جوابدارن مان  ٻن روپوش جوابدارن رشيد چوهاڻ ، ارشد چوهاڻ کي پوليس کپرو جي ماڊل ٽرائل ڪورٽ جي ڪمري مان گرفتار ڪري سب جيل کپرو موڪلي ڇڏيو واضع رهي ته سٽي ٿاڻي تي اسلم عرف احمد رضا راجپوت ، رشيد چوهاڻ ، ارشد چوهاڻ سميت 5 ڄڻن تي بيواھ عورت ياسمين ملڪ سان مبينا زيادتي جي ڪوشش ڪرڻ ۽ تشدد جو ڪيس داخل ٿيل آھي جن جون ماڊل ڪورٽ ٽنڊو آدم مان ضمانتون رد ٿي ويون هيون جنهن سبب احمد رضا ڪراچي مان ڪچي ضمانت تي آھي .باقي گرفتار ٿيل ٻئي جوابدار  ضمانت لاء ماڊل ڪورٽ کپرو پهتا ته عدالت جي ڪمري مان پوليس ٻنهي کي گرفتار ڪري سب جيل کپرو موڪلي ڇڏيو

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.