افغان بارڊر تي شهيد ٿيل راڌڻ واسي مٽي ماءٌ حوالي

راڌڻ (ن ع آ) راڌڻ لڳ راڌڻ کان ٻه ڪلوميٽر پنڌ تي موجود ڳوٺ فضل آڳرو واسي 24 سالا نوجوان فوجي شفقت علي پٽ ممتاز آڳرو پاڪستان جي افغانستان  جي باڊر حيات آباد ۾ فوجي چونڪي تي ڊيوٽي دوران طالبان جي حملي دوران وڙهندي شهيد ٿي ويو سندس لاش پاڪ فوج جا جوان هتي کڻائي آيا لاش ڳوٺ ۾ گهر پهچڻ تي ڪهرام برپا ٿي ويو ۽ والدين کي بي هوشي جا دورا پوڻ لڳا بعد ۾ شهيد جي جنازه نماز ادا ڪئي وئي جنهن ۾ سوين ماڻھن شرڪت ڪئي جنهن بعد شهيد نوجوان فوجي کي حيدرآباد کان آيل فوجي مئيجر عبدابسط ۽ان سان فوجي جوانن اعزاز سان سپرد خاڪ ڪيو ويو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.