پني عاقل اسپتال ۾ علاج نه ٿيڻ سبب مريض فوت، ڊاڪٽرن تي غفلت الزام

پنو عاقل ( رپورٽ: نور محمد سومرو ) گذريل رات شھر جي مصطفائي ڪالوني جو رھواسي جماعت علي جلالي پنھنجي گھر واري جو سھارو وٺي علاج ڪرائڻ لاءِ  تعلقه اسپتال پھتو ته اتي ڪو به ڊيوٽي ڊاڪٽر نه ھجڻ ڪري مريض کي سکر سول اسپتال ڏانھون موڪلڻ جو مشھورو ڏنو ويو،مريض جماعت علي غريب ھجڻ ڪري سندس گھرواري اسپتال جي ايمرجنسي وارڊ ۾ ويٺل ڪمپونڊرن کي واضح ڪيو ته ھن وٽ سکر تائين پهچڻ لاءِ ھڪ سوءُ به ڪرائو نه آھي،ان وقت مريض کي چيڪ ڪندڙن جو چوڻ ھو ته اسان وٽ نون ايم ايس آيو آھي ان ڪري ڪو به ڊاڪٽر ڊيوٽي تي نه آھي ۽ نه ئي اسان وٽ ڪا دوا يا ايمبولنس لاءِ پيٽرول آھي،جنھن بعد اتي بيٺل شھرين جي احتجاج تي ايمبولنس ۽ پيٽرول مليو پر عملي مريض کي ھڪ ڪلاڪ تائين سکر سول اسپتال موڪلڻ بدران پاڻ چيڪ ڪندا رھيا ته جماعت علي جو پيٽ ٺڪاءُ ڏئي ڦاٽي پيو ۽ ھو اتي ئي فوت ٿي ويو، جنھن بعد سندس گھرواري  ٻين عورتون ۾ روٺ راڙا شروع ٿي ويا،ان ڏس ۾ اھڙي دردناڪ خبر پوڻ کانپوءِ پنوعاقل شھري اتحاد ۽ عام شھرين ۾ ڪاوڙ جي لھر ڇايع ٿي وئي،ان ڏس ۾ شھري اتحاد جي چئيرمين رفيق احمد سومرو ۽ ٻين عھديدارن گلشير مھر،شاھنواز ملڪ ۽ ٻين جو چوڻ ھو ته تازو تعلقه اسپتال لاءِ مقرر ٿيل ايم ايس روھڙي اسپتال کي تباھ ڪرڻ کانپوءِ پنوعاقل تعلقه اسپتال جي تباھي ڪندو،ٻئي طرف فوتي مٽيءَ ماءُ حوالي شھرين ۾ اسپتال انتظاميان خلاف ڪاوڙ جي لھر ڇايل،ھوڏانھون شھري اتحاد پاران اسپتال بچايو غريب عوام جو فري ۾ علاج ڪرايو جي عنوان ھيٺ اعليٰ اختيارن سان ملاقات ڪئي ويندي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.