هوسڙي ۾ روڊ حادثو، هڪ ڄڻو سخت زخمي، اسپتال منتقل

ھوسڙي رپوٽر (ن ع آ)سيري ٿاڻي جي حد۾  ٽنڊو محمد خان روڊ تي  ڪيٽل ڪالوني وٽ سومر جي رات جو پنج وڳي ڌاري حد کان وڌيڪ  ڌنڌھ ۽ ماڪ  سبب بيٺل ٽرڪ سان تيز رفتار پڪ اپ سوزڪي ٽڪرائجي وئي .جنهن جي نتيجي ۾ سوزڪي ۾ سوار علي ميمڻ سخت زخمي ٿي پيو.جنهن کي ايندڙ ويـندڙ گاڏين وارن سوزڪي مان ڪڍي شديد زخمي حالت ۾  سول اسپتال کڻائي ويا .جتي زخمي جي حالت بھتر ٻڌائي ٻئي وڃي.ٻئي طرف ڪيٽل ڪالوني پوليس حادثي واري ھنڌ پھچي حادثي جو ڪارڻ معلوم ڪندي حادثي جو شڪار سوزڪي ۽ ٽرڪ کي پنهنجي تحويل ۾ ورتيون.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.