ڪراچي ۾ پوليس ڪاهه، گهرڀاتين تي تشدد، نوجوان گرفتار، احتجاج

گلشن اقبال (ن ع آ) سھراب ڳوٺ پوليس جي حد نور خان ڳوٺ جي رھواسي محمد جمن ڀٽو صحافين اڳيان داھيندي الزام ھڻندي ٻڌايو ته 9 جنوري جي رات ساڍي 3 وڳي پوليس موبائيل ۾ سوار پوليس وردي ۽ سيول ڪپڙا پاتل اھلڪار ديوارون ٽپي گھر اندر داخل ٿي گھر ڀاتين کي يرغمال بڻائي مون تي ۽ منھنجي پٽ تي سخت تشدد ڪندي مون کي ڇڏي منھنجي پٽ کي گھلي موبائيل ۾ وجھي کڻي ويا، ان چيو ته منھنجو پٽ اسٽيٽ ايجنسي ھلائي روزگار ڪندو آھي، ان جو ڏوھ اھو آھي ته ھن ايس ايڇ او امام بخش لاشاري خلاف آعلى عملدارن کي رشوت خوري ۽ ڌمڪين جون درخواستون ڏنيون ان ڪري منھنجي پٽ کي پوليس کڻي وڃي گم ڪري ڇڏيو آھي، ان چيو ته آء وزير آعلى سنڌ، آئي جي سنڌ ۽ ڊي جي رينجرس، ڊي آئي جي ايسٽ کان مطالبو ٿو ڪيان ته منھنجي ٻچي کي آزاد ڪيو وڃي، ھوڏان ڊي آء جي ايسٽ ڪلھ ايس ايڇ او امام بخش لاشاري کي لين حاضر ڪري ڇڏيو، ليڪن خبر وڃڻ تائين عبدالرشيد ڀٽو آزاد نه ٿي سگھيو، گھر ڀاتي پريشان،

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.