ٽنڊو آدم ۾گرفتار جسم اڳواڻ ڪراچي منتقل، وارثن پاران مارڻ جو خدشو

ٽنڊو آدم ( ن ع آ ) جسم ضلعي سانگهڙ جو صدر پرويز چانڊيو ڪراچي پوليس هٿان گرفتار ڪراچي منتقل وارثن پاران کيس ڪوڙو مقابلو ڏيکاري مارڻ جو شڪ رپورٽ موجب جسم ضلعي سانگهڙ جي صدر پرويز چانڊيو جي گهر تي گلشن معمار پوليس ڇاپو هڻي کيس گرفتار ڪري سٽي ٿاڻي تي آندو جتي انٽري بعد ڪراچي وٺي ويا پوليس موجب پرويز چانڊيو جي خلاف گلشن معمار سميت ڪراچي جي مختلف ٿاڻن تي ڦر ، ڌاڙن ۽ ٺڳي ڪرڻ جا 6 کان مٿي ڪيس داخل آھن ٻئي طرف سندس امڙ حاني چانڊيو جو چوڻ آھي ته ڪراچي پوليس ڌاڙيلن وانگر گهر ۾ گهڙي تشدد ڪيو ۽  منهنجي پٽ کي بيگناھ گرفتار ڪيو آھي خدشو آھي ته پوليس  ڪوڙو مقابلو ڏيکاري پٽ کي ماري ڇڏيندي  هن اختيارين کان گهر ڪئي ته  سندس پٽ ظاهر ڪيو وڃي ۽  انصاف  ڪيو وڃي ۔

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.