گهوٽڪي پوليس ڍڪ تي چوڪيداري ڪندڙ بيماري ۾ وڪوڙجي ويو

گهوٽڪي ( ڊر )  گهوٽڪي ۾ پوليس ڍڪ جي چوڪيداري ڪندڙ ميونسپل جو رٽائرڊ ملازم نئون مسلمان ٿيل ڪيوي عرف ڪيلو بيماري ۾ وڪوڙجي ويو جنهن جي ڪنهن به سار نه لڌي جنهن ڪري بيماري جي بستري تي پيل آهي.ان حوالي سان روڊ تان ڪراس ٿيندڙ ماڻهن جو چوڻ هو ته هي پورهيت ڪيوي عرف ڪيلو عيسائي هو هن پنهنجي مذهب مٽائي مسلمان ٿيو آهي.هنن جو چوڻ هو ته بنا پگهار جي پوليس ڍڪ جي چوڪيداري هندو رهيو آهي،پر افسوس جو پوليس به هن جي سار سنڀال ناهي لڍي.شهرين ضلعي انتظاميه توڙي پوليس انتظاميه کي اپيل ڪئي آهي ته هن پورهيت جي مالڪي ڪئي وڃي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.