دادو ۾بدامني خلاف شهري سراپا احتجاج، ٻئي ڏينهن به ڌرڻو، نعري بازي

دادو( ڊ ر ) دادو ۾ بدامني تي ضابطو نه آيو دادو جي پوليس هيڊڪواٽر جي سامهون موٽر سائيڪل جي اسپيئر پارٽس جي دوڪان مان 50 لک روپين جو سامان ۽ نقد رقم چور چوري ڪري ويا، بدامني خلاف شهري ٻئين ڏينهن به روڊن تي نڪري آيا، دوڪاندارن ۽ شهرين احتجاجي مظاهرو ڪري پريس ڪلب آڏو ڌرڻو هنيو ۽ دادو پوليس خلاف سخت نعري بازي ڪئي، مظاهرين شمن ملاح،امجد ٻٻر.شوڪت منگي عبدالحفيظ قمبراڻي،خالد ملاح عبدالوحيد پنهور، عبدالله ملڪ ۽ ٻين دانهيو ته دادو پوليس عوام جي جان و مال جو تحفظ ڪرڻ بدران شهر کي ڏوهارين حوالي ڪري پاڻ ننڍ سمهي پيا آهن، روزانه شهر ۾ ڦرون ڌاڙا چوريون معمول بڻجي ويون آهن دادو پوليس ڏوهارين جي ساٿاري بڻيل آهي، هنن چيو ته ايس ايس پي دادو اعجاز احمد شيخ ڏوهن تي ضابطو آڻڻ ۾ مڪمل ناڪام ٿي چڪو آهي، دادو جا ٿاڻا هوم ڊسٽرڪٽ ايس ايڇ او ۽ انچارج رکي ٺيڪي تي ڏنا ويا آهن، جيڪي ڏوهارين کي ٻڌڻ بدران ڏوهارين سان ياري رکي شهر مان هٿ وٺي ڦرون، چوريون ڪرائي رهيا آهن، ٽن مهينن دوران دادو شهر مان چورين، ڦرن ۽ ڌاڙن سبب ڪروڙين روپين جو عوام کان ڦر لٽ ٿي آهي، دادو جا شهري، واپاري، ڪاروباري ماڻهن غير محفوظ آهن، شهر جا انڊس هائي وي توڙي لنڪ روڊن تي ڏينهن توڙي رات جو ڦرون ٿين پيون پوليس هڪ به رڪوري نه ڪرائي سگهي آهي، هنن آئي جي سنڌ، ڊي آءِ جي حيدرآباد کان مطالبو ڪيو ته ايس ايس پي دادو ۽ ايس ايڇ اوز ۽ انچارجن کي هٽائي شهر جو امن امان بحال ڪري شهرين ۽ دوڪاندارن کان ڦر ۽ چوري ٿيل سامان، موٽر سائيڪلون ۽ نقد رقم واپس ڪرائي ڏوهارين کي قانون جي ڪٽهڙي ۾ آندو وڃي ٻي صورت ۾ احتجاجي تحريڪ هلائي ويندي،

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.