ڀارتي پارليامنٽ جا 400 ملازم ڪورونا وائرس سبب متاثر

نئي دلي (اي پي پي ) ڀارتي پارليامنٽ  ۾ ڪم ڪندڙ 400 کان وڌيڪ ملازم ڪورونا وائرس سبب متاثر ٿي ويا آهن . ڀارتي سڌ سماءَ جي ذريعن موجب ڀارتي پارليامنٽ جي عملي جي 1400 ملازمن جا 6 ۽ 7 جنوري تي ڪورونا ٽيسٽ ڪيا ويا جنهن مان 400 کان وڌيڪ ڪورونا وائرس سبب متاثر هئا  . ڀارتي پارليامنٽ  ۾ ايندڙ بجيٽ کان اڳ اها رپورٽ سامهون آئي آهي .   پارليامنٽ جي بجيٽ اجلاس جي تاريخن جو اعلان اڃان تائين ناهي ڪيو ويو

  • ڏکڻ آفريقا ۾ مني بسن ۾ ٽڪر 9 ڄڻا فوت، ڪيترائي زخمي

ڪيپ ٽائون ( م ڊ ) ڏکڻ ايشيا جي صوبي ڪيپ ۾ 2 مني بسن وچ ۾ ٽڪر ٿي پيو جنهن جي نتيجي ۾ 9 ڄڻا فوت ٿي ويا. چيني خابرو اداري مطابق ڪيپ جي کاتي ٽرانسپورٽ پنهنجي فيس بڪ پيج تي ٻڌايو آهي ته حادثو ان وقت پيش آيو جڏهن اين ٽو روڊ تي سامونڊي شهر گڪيبر هاڪي طرف ويندڙ مني بس سامهون ايندڙ بس کي ٽڪر هنيو جنهن جي نتيجي ۾ 9 ڄڻا فوت ٿي ويا جن ۾ 2 ٻار به شامل آهن.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.