صحافت ۾ خيانت ڪرڻ تباھي جو سبب آھي:لالا رحمان سمون

ٺٽو (ڊ ر) حيدرآباد يونين آف جرنلسٽس يونٽ ضلعي ٺٽي جو اجلاس پريس ڪلب ٺٽي تي ٿيو، جنھن ۾ ضلعي ٺٽي جي صحافين وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي. اجلاس ۾ پاڪستان فيڊرل يونين آف جرنلسٽس جي اڳواڻ لالا رحمان سمون، حيدرآباد يونين آف جرنلسٽس جي صدر جئي پرڪاش موراڻي، اڳوڻي صدر اقبال ملاح خصوصي شرڪت ڪئي. ان موقعي تي اليڪشن ڪميٽي چيئرمين شبير ڀٽي ۽ ميمبر عبدالله راڻو جي نگراني ۾ اڪثريت راءِ سان حيدرآباد يونين آف جرنلسٽس يونٽ ضلعو ٺٽو جي چونڊ ڪئي وئي، سال 2022ع لاءِ جوڙيل باڊي ۾ صدر خدا بخش بروھي، نائب صدر عبدالرئوف بروھي،  جنرل سيڪريٽري قادر موليپوٽو، جوائنٽ سيڪريٽري راجا تنوير خاصخيلي، خزانچي امين فاروقي چونڊيا ويا جڏھن ته ورڪنگ ڪميٽي ۾ شبير ڀٽي، اسماعيل ميمڻ، دائم شاھ،، غلام نبي خاصخيلي، منصور جلالاڻي ۽ مير ممتاز جاڙو کي ڪامياب قرار ڏنو ويو. ان موقعي تي پاڪستان فيڊرل يونين آف جرنلسٽس جي اڳواڻ لالا رحمان سمون اجلاس کي خطاب ڪندي چيو ته صحافت ھڪ مقدس ۽ پيغمبري پيشو آھي جنھن ۾ خيانت ڪرڻ تباھي جو سبب آھي صحافي غير جانبدار ھوندو آھي ان کي سرڪاري ملازمت ھجڻ نه کپي ۽ نه ئي ڪنھن سرڪاري توڙي غيرسرڪاري تنظيم ۾ ھجڻ گھرجي ان سان گڏوگڏ صحافي کي ڪنھن به قسم جي ڏوھي سرگرمين ۾ ملوث ماڻھن جي سرپرستي نه ڪرڻ کپي، انھن اصولن تي صحافت جو معيار بلند رھي ٿو ۽ صحافي معاشري جي طاقت ۽ آواز بڻجي ٿو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.