مخدوم محمد زمان طالب المولي:گهڻ رخي شخصيت جو مالڪ

تحرير؛عبدالستار لغاري

برک سياستدان، اديب، شاعر ۽ زميندار مخدوم محمد زمان طالب المولي گھڻ رخي شخصيت جو مالڪ هو. مخدوم محمد زمان طالب المولي ۴ آڪٽوبر ۱۹۱۹ع تي ھالا نوان ۾ مخدوم غلام محمد جي گھر ۾ جنم ورتو، سندس شروعاتي تعليم عربي ۽ فارسي ۾ ٿي، انکان پوءِ سنڌي تعليم حاجي عبدالغفور ڪلائي ۽ عبدالرحمان انجم هالائي کان جڏهن ته فارسي جي تعليم مولوي محمد عالم ۽ سندس چاچي مخدوم غلام حيدر کان حاصل ڪيائين. والد جي وفات بعد مخدوم محمد زمان طالب المولي ۱۹۴۵ع کان درگاھ سرور نوح جو ۱۷ھون سجاده نشين بڻيو.

سنڌ جي نامور بزرگ گھراڻي سان تعلق رکندڙ مخدوم محمد زمان طالب المولي عوامي خدمت کي دنيا جي ھر منصب کان مٿانهون سمجھندو ھو، کيس خدمت جي مقابلي ۾ ڪا به شاھي ۽ مخدومي معمولي لڳندي ھئي تڏھن ته چيو ھئائين:

اگر خدمت ڪرڻ جي ناھي طاقت طالب المولي

ته پوءِ مخدومي دنيا ۾ وڏو منصب ته ڪونھي.

مخدوم محمد زمان طالب المولي تعليم جي ميدان ۾ سھولتون مهيا ڪرڻ لاءِ پاڻ پتوڙيو ۽ شاگردن لاءِ کپرو ۽ ھالا ۾ ھاسٽلون ٺھرايون ۽ ڪيترائي پرائمري اسڪول ٺھرايا. ھن ھزارين مريدن ۽ عقيدتمندن کي تعليم ڏانھن راغب ڪيو.مخدوم طالب المولي غريب شاگردن کي اعلي تعليم ڏيارڻ لاءِ وظيفا ڏنا ته جيئن اھي شاگرد تعليم يافته ٿي ملڪ جي ترقي ۾ اھم ڪردار ادا ڪري سگهن ۽ ھڪ مھذب معاشري جو بنياد وجھي سگھن.

مخدوم محمد زمان طالب المولي کي شاعري ۽ موسيقي سان تمام گهڻي دلچسپي ھوندي ھئي، ھن شاعري جي شروعات ۱۹ سالن جي ڄمار ۾ ڪئي ۽  ادب ۾   پنھنجي الڳ سڃاڻپ پيدا ڪئي. مخدوم طالب المولي شاعري ۾ ڪيترائي تخلص استعمال ڪيا جن ۾ بيوس، فراقي، زمان شاھ ۽ طالب شامل آهن ۽ پوءِ شاعري ۾ طالب المولي جو تخلص استعمال ڪيائين. ۱۹۳۶ع ۾ جڏھن سندس عمر ۱۷ سال مس ھئي تڏھن ھالا شھر ۾ انجمن علم و ادب جو بنياد وڌائين، ھن انجمن جي پليٽ فارم تان ڪيتريون ئي ادبي ڪانفرنسون منعقد ڪرايون، علم ۽ ادب کي هٿي وٺرائڻ لاءِ ھالا ۾ الزمان پريس قائم ڪيائين، ھفتيوار الزمان ۽ پاسبان اخبارون جاري ڪيائين.ڍ

۱۹۵۲ع ۾ جمعيت الشعرا سنڌ صدر منتخب ٿيو، مخدوم صاحب ريڊيو پاڪستان جي مشاورتي ڪاميٽي جو ميمبر به رھيو، مخدوم صاحب ڪيترائي ڪتاب به لکيا، سندس لکيل ڪتابن ۾ امام غزالي جا خط، اسلامي تصوف، خود شناسي، بھار طالب، رباعيات طالب، ياد رفتگان، مثنوي عقل و عشق، بي پير اکيون، ڪچڪول، مضامين طالب المولي، آءُ ڪانگا ڪر ڳالهھ، ڇپر ۾ ڇڙيون قابلِ ذڪر آهن. مخدوم صاحب جي شاعري ڪيترن ئي فنڪارن ڳائي انھن فنڪارن ۾ استاد منظور علي خان، عابده پروين، رونا ليلا، محمد يوسف، وحيد علي، ڦوٽو زرداري ۽ ٻيا فنڪار شامل آهن.

مخدوم محمد زمان طالب المولي ملڪ جي وڏن سياستدانن مان ھڪ ھو، ھي شھيد ذوالفقار علي ڀٽي جي ويجھن ساٿين مان هو. مخدوم صاحب ون يونٽ کان پھريان سنڌ اسيمبلي جو ميمبر ٿيو ۽ انکانپوءِ ۲ ڀيرا قومي اسيمبلي جو ميمبر چونڊيو. مخدوم صاحب کي علمي ۽ ادبي، ملڪي ۽ سماجي خدمتن عيوض پاڪستان سرڪار طرفان تمغه پاڪستان ۽ ھلال امتياز جا ايوارڊ ڏنو ويا.

مخدوم صاحب ۱۱ جنوري ۱۹۹۳ع ۾ ھن دنيا مان لاڏاڻو ڪيو.

 

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.