11 جنوريءَ ڇا ڏنو ڇا ورتو؟

تحرير؛فقير محمد سنڌي

¨ 11 جنوري 1879ع تي سر غلام حسين، هدايت الله شڪارپور ۾ ڄائو. سماجي خدمتون، ناميارو سياستدان، قانوندان ۽ بھترين منتظم هو.

¨  11 جنوري 1905ع تي ترڪي جي پھرين صدر مصطفى ڪمال اتاترڪ، فوجي زندگي کان آغاز ڪيو.

¨  11جنوري 1908ع تي مشھور شاعر ۽ سماجي خدمتگار هوندراج دکايل لاڙڪاڻي شھر ۾ ڄائو.

¨  11 جنوري 1932ع تي مشھور بخاري سادات سيد خادم حسين شاهه ولد سيد نور حسين شاهه بخاري لاڙڪاڻي ۾ جنم ورتو.

¨  11 جنوري 1937ع تي ڪرڪيٽر راهول ڊريوڊ جو جنم ڏينھن آهي.

¨  11 جنوري 1950ع تي چائنا- بندرگاهه جي قيام جو اعلان ڪيو ويو.

¨  11 جنوري 1954ع تي سنڌي ٻوليءَ جو ڪھاڻيڪار ۽ شاعر ڀون سنڌي پورو نالو ڀونداس پٽ جئرامداس لوهاڻو سنڌراڻيءَ ۽ ميرباگي خان جي شھر ٽنڊي باگي ۾ ڄائو.

¨  11 جنوري 1956ع تي ڀائو در محمد ٻرڙو قمبر شھر جي مشھور پاڙي نورشاهه ۾ خير محمد ٻرڙي جي گهر جنم ورتو ادبي سڃاڻپ، ڪھاڻيون، مضمون، ڪالم ۽ نثري نظم اٿس.

¨  11 جنوري 1957ع تي پاڪستان ڪاٽن ڪنٽرول بورڊ جو وجود عمل ۾ آيو.

¨  11 جنوري 1966ع تي مزاحيه اداڪار عبدالمنان عباسي جو جنم ڏينھن آهي.

¨  11 جنوري 1972ع تي چن زي چيني وزير خارجه جو لاڏاڻو ٿيو.

¨  11جنوري 1972ع تي آمريڪي اداڪاره امينڊا پيٽ جو جنم ڏينهن آهي.

¨  11جنوري 1972ع تي اوڀر پاڪستان جو نالو تبديل ڪري بنگلاديش رکيو ويو.

¨  11جنوري 1978ع تي پاڪستاني شاعر ۽ سفر نامه نگار ابن انشا جو وڇوڙو ٿيو.

¨  11 جنوري 1980ع تي شاعر حاڪم ڪٽوهر جو جنم ڏينھن آهي.

¨  11 جنوري 1993ع تي سنڌ جو نالي وارو شاعر مخدوم محمد زمان طالب الموليٰ کي تيز جهونڪي هميشه لاءِ ننڍ سماري ڇڏيو.

¨  11 جنوري 1998ع تي سنڌ جو ڀلوڙ تاريخدان ۽ محقق دادا سنڌي لاڏاڻو ڪيو.

¨  11 جنوري 2004ع تي سنڌ جو بيباڪ سياستدان رئيس عبدالحميد جتوئي ولد رئيس ڪريم بخش جتوئي حيدرآباد ۾ وفات ڪئي.

¨  11جنوري 2008ع تي آفريڪي عظيم آل رائونڊر شان پولاڪ، بين الاقوامي ڪرڪيٽ کان رٽائرمينٽ جو اعلان ڪيو.

¨  11 جنوري 2011ع تي اداڪار ايم يحى ڀٽو جو وڇوڙو ٿيو.

¨  11جنوري 2011ع تي نقاد، افسانه نگار ۽ ناول نگار خالده حسين جو وڇوڙو ٿيو.

¨

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.