مخدوم طالب الموليٰ جيڪو سنڌ سان نينهن نڀائي ويو!

تحرير؛مير نادر علي ابڙو

سنڌ ۾ چند اهڙيون هستيون آهن. جيڪي ڌرتي جي سڃاڻپ بڻيل رهيون آهن.اهڙين هستين ۾ سنڌ جي  روحاني جماعت سروري جي روح روان سنڌ جي لافاني شاعر،بي شمار خوبين جي حامل، قبلا سائين مخدوم طالب الموليٰ جو پڻ ڳاڻيٽو ٿئي ٿو .

اڄ سڄي سنڌ ۾سندس جي ورسي ملهائجي رهي آهي ۽ ان سلسلي ۾قبلا سائين مخدوم طالب الموليٰ جي اباڻي شهر هالا۾ مک تقريب جو اهتمام ڪيو ويو آهي، جتي سندس هزارين چاهيندڙ۽ موجوده گادي نشين درگاهه حضرت نوح قبلا سائين جميل الزمان ،مخدوم سيد الزمان، مخدوم شڪيل الزمان ،. سميت هزارين سندن چاهيندڙمزار تي پڙ چاڙهي جتي خصوصي دعائون گھرندا ته اتي قبلا سائين مخدوم طالب الموليٰ جي زندگي تي روشني پڻ وجھندا.

قبلا سائين مخدوم طالب الموليٰ جي شخصيت تي مون وٽ ڪي ايڏا وڏا لفظ نه آهن جيڪي سندس شخصيت سان ڀيٽيان. هو ته هڪ اسان لاءِ خواب بنجي ويو.اهو خواب جنهن کي اسان اڄ ايڏو سارو وقت گذرڻ باوجود به وساري ناهيون سگھيا.

قبلا سائين مخدوم طالب الموليٰ به  حيثيت هڪ شاعر جي جيڪر ڏسجي ته سنڌ جو اهو لافاني شاعر هو جنهن جي شاعري ۾ لفظ رقص ڪندي سندن محتاج ٿا نظر اچن. چوٽِي جا گائڪ سندن شاعري ڳائڻ لاءِ هر دور ۾ پياسا نظر آيا. سندن شاعري ملڪي توڙي غير ملڪي فضا ۾ جيڪا هلچل مچائي، دليون پگھاريون تنهن جو ذڪر اڄ به گھڻن ذهنن تي ڪلهه جيان تازو آهي.

سندن شاعريءِ ۾ لفظن جي ادائيگي اهڙي ته مهارت سان ٿيل هوندي هئي، جيڪر ڪو هڪ ڀيرو سندن شاعري ٻڌندو هو ته هو ٻيهر هر هر سندس شاعري ٻڌڻ جي خواهش ظاهر ڪندو هو.

قبلا سائين مخدوم طالب الموليٰ جي دور ۾ هالا ۾ ادبي ميلا متل نظر ايندا هئا،سندن اوتارن تي سنڌ جا وڏا وڏا اديب اچي ادبي اڃ اجھائيندا هئا. قبلا سائين مخدوم طالب الموليٰ پنهنجي سموري ڄمار ادبي خدمتن تي نڇارو ڪئي، سنڌي ادبي بورڊ جي چيئرمين هئڻ جي ناتي کان پاڻ به ادبي دنيا لاءِ نه وسارڻ جوڳيون جتي خدمتون سرانجام ڏنيون اتي پاڻ مڃايو ۽ ادبي بورڊ جي فلاح ۽ بهبود لاءِ هنگامي بنيادن تي جيڪي قدم کنيا، سي اڄ به تاريخ جو حصو آهن.

سندن ڪيل ڪمن کي سنڌي ماڻهون انتهائي ساراهه ڀرين نگاهن سان ڏسن ٿا. قبلا سائين مخدوم طالب الموليٰ جتي ادبي دنيا ۾ پاڻ ملهايو ۽ تاريخ جو حصوبڻجي ويا ته اتي به حيثيت سروري جماعت جي روحاني پيشوا هئڻ جي ناتي کان به پاڻ مڃايو ۽ هن وقت تائين سندن شخصيت جا ڪيترائي عاشق سموري سنڌ ۾ موجود آهن، جيڪي سندن شخصيت تي ساهه ڇڏين ٿا پاڻ روحاني جماعت سروري جا جنهن وقت روح روان هئا، تنهن وقت ۾ امن ڀائيچاري جي فضا کي جنم ڏيڻ محبت جو پيغام گھر گھر پهچائڻ جو پنهنجي جماعت وسيلي درس ڏيندا رهيا ۽ هرحال ۾ پنهنجي سروري جماعت سان زندگي جي آخري ساهه تائين وفا ڪئي پهنهجي مريدن کان پنهنجو حقيقي عشق موت جي ڀاڪرن ۾ ڀرجڻ تائين نڀايو. سندن شخصيت جي اهڙي بيشماري خوبين کي ڏسندي گھڻا ماڻهو مٿس ساهه ڇڏيندا هئا ۽سندن واکاڻ ڪرڻ بنا رهي نه سگھندا هئا.قبلا سائين مخدوم طالب الموليٰ جيڪي خدمتون سرانجام ڏنيون، سندن جيڪو ڪردار رهيو. اهو تاريخ جو هڪ نه وسارڻ جوڳو باب بڻجي رهجي ويو آهي، جنهن کي سنڌي ماڻهو ورهين تائين ڳائيندا رهندا.

مون کي ياد آهي ته جڏهن لاڙڪاڻي ۾ قبلا سائين مخدوم طالب الموليٰ ايندا هئا ته جماعت الشعرا سنڌ جي ڪامريڊ تاج محمد ابڙو هائوش تي ٿيندڙ گڏجاڻي جي صدارت ڪندا هئا، ادبي ميلا مچائيندا هئا جتي بابا مرحوم ڪامريڊ تاج محمد ابڙو ۽ قبلا سائين مخدوم طالب الموليٰ جون نه وسارڻ جھڙيون يادگار ادبي ڪچهريون رچنديون هيون، انهن ڪچهرين ۾ ڪنهن حد تائين مان به شامل رهيس ۽ قبلا سائين مخدوم طالب الموليٰ جا ڪامريڊ تاج محمد ابڙو جي لاڙڪاڻي واري  چيمبر ۾ چيل لفظ ۽ ادبي ڪچهريون اڃ تائين آئون وساري ناهيان سگھيو.

مون کي ائين لڳندو آهي ته اڄ به قبلا سائين مخدوم طالب الموليٰ حيات آهن ۽ بابا سائين ڪامريڊ تاج محمد ابڙو سان سندس لاڙڪاڻي واري چيمبر تي ڪچهريون پيا ڪن .

اڄ ايڏو سڄو وقت گذري وڃڻ باوجود به هن جي موت جي خبر برداشت  ڪرڻ جي سگھه سرير ۾ ناهي ، اهو هن لاءِ جو اسان کي سندن شخصيت سان عشق رهيو آهي، اهو عشق، جو موت ٽوڙي ئي سگھي!

سندن لاڏاڻي کان پوءِ ادبي حوالي سان تمام وڏو خال پيدا ٿيو ته اتي سروري جماعت کان انهن جو روح روان الڳ ٿيو پر سندن لاڏاڻي بعد قبلا مخدوم  جميل الزمان  هالا جون رونقون بحال پيا ڪيو اچن ۽ پنهنجي سروري جماعت ۽ پنهنجي مريدن جو پنهنجي اولاد کان به وڌيڪ خيال ٿا رکن اتي ادبي سرگرميون به والد مرحوم قبلا مخدوم طالب الموليٰ وانگي شروع ڪيون آهن ۽بزم مخدوم طالب الموليٰ سموري سنڌ ۾ ادبي حوالي کان سرگرم آهي .

قبلا سائين طالب الموليٰ جواڌ ۾ چڏيل ادبي وڏي سفر هن تنظيم وسيلي سنڌ ۾ پکڙجي رهيو آهي،جيڪا اسان لاءِ تمام وڏي ڳالهه آهي ته اتي قبلا سائين مخدوم طالب الموليٰ وانگي مخدوم جميل الزمان سنڌي ادبي بورڊ کي ٻيهر جيئندان ڏياري نوان لاڙا متعارف ڪرايا ، سا ڳالهه سموري سنڌ لاءِ باعث فخر آهي.

جڏهن سنڌ ۾ ٻوڏ آئي ته قبلا سائين مخدوم امين فهيم پاڻ ملهايو. واهن جا ڪپ ٻڌڻ کان ويندي ڀاڻوٺ جي مقام تي پنهنجي مريدن جون ڊيوٽيون لڳايون ۽ پاڻ هن ڪم جي نگراني ڪندي حيدرآباد، مٽياري ۽ هالا سميت سنڌ جي ڪيترن ئي علائقن کي ٻڏڻ کان بچايو.

سندن اهڙي جرئت ۽ همٿ کي ڏسندي گھڻا ماڻهو سندن شخصيت جا عاشق بنجي ويا.قبلا مخدوم جميل الزمان  هر موڙ تي سنڌ ۽ سنڌي ماڻهن جي پنهنجي جماعت جو پنهنجي اولاد وانگي خيال ڪيو آهي ۽ انهن سان هر حال  ۾ وفا ڪئي آهي ۽ اڄ قبلا سائين مخدوم طالب الموليٰ جي ورسي جي موقعي تي به قبلا مخدوم  جميل الزمان  اهو ازم پيا ورجائن ته

طالب تو اپني دل ڪو تو ديوانا نه بنادي،

يـــــــــون نقش غم بـار سيـــبتخا نه بنادي،

دشمــن ڪي زبان پر تيرا ذڪر هو هر دم،

اي يار!ميري زيســت ڪو افسانه نه بنادي ،

ساقي تيري ان مست نگاهون ڪي مين صدقي،

اورن ڪي طرح مجھ ڪو بهي ديوانا نه بنادي.

اي پردا نشين آه تيرا ناز حقيقت،

باز آڪر ڪهين مجھ ڪو تماشا ن بنادي،

اس زلف پريشان ڪي لئي اي ميري دلبر،

الله ميري هاتهون ڪو توشا نه بنا دي،

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.