مني بجيٽ ؛ حقيقت يا افسانو

تحرير؛ڊاڪٽر عابد قيوم سلهري

خراب خبر هي آهي ته فنانس (ضمني) بل 2021 (مني بجيٽ) ۾ سيلز ٽيڪس کان آجپي ، جي خاتمي  سبب  قيمتن ۾ اضافو ڪندو.سٺي خبر اها آهي ته قيمتن م اضافو رڳو عيش واري سامان تائين محدود هوندو. عام واهپي جو شيون ان اثر کان محفوظ رهنديون. گهڻن ئي تجزيو ڪندڙن جي تبصرن جي ابتڙ ڪو مهانگائي جو طوفان نه ايندو. ان جي  وضاحت ڪرڻ کان اڳ اوهان کي ڪجهه پس منظر ٻڌايان ۽ سمجهايان ٿو.

دنيا جي گهڻن معاشي نظام ۾ سامان ۽خدمتن جي سپلاءِ جي هر مرحلي تي هڪجهڙي مين سپلاءِ  چين جي شرح تي  گهڻ مرحلي وارو ٽيڪس لڳايو ويندو آهي.ان ۾  ابتدائي مرحلي ۾ ادا ڪيل ٽيڪس اڳيئن مرحلن ۾ يا ته واپس ملي ٿو وڃي يا وري اهو اڳيئن ادائيگي جوڳي ٽيڪس ۾ ايڊجسٽ ٿي ويندو آهي.روينيو گڏ ڪرڻ کانسواءِ اهڙي قسم جي گهڻ مرحلي ٽيڪس ۾ معيشت کي دستاويز ڪرڻ ۾ مدد ملي ٿي. سپلاءِ چين جي مختلف مرحلن ۾ سامان يا خدمتون فراهم ڪندڙ ادارا ان صورت م ان مان فائدو کڻي سگهندا آهن جڏهن اهي پنهجا ٽيڪس جا گوشوارا داخل ڪرائيندا آهن.

ڪيترين ئي حڪومتن هڪ ٻئي جي پٺيان اسي جي ڏهاڪي جي آخر  ۾ معيشت جي غير دستاويز شعبن کي دستاويز ڪرڻ ۽ ٽيڪس نيٽ ورڪ کي وسيع ڪرڻ جي لاءِ اهڙن ٽيڪس متعارف ڪرائڻ جي لاءِ سيلز ٽيڪس ايڪٽ 1951 جي (ايس ٽي اي ) جي لاءِ ڪوشش ڪئي آهي.سيلز ٽيڪس ايڪٽ 1990 جي جاءِ تي هڪ جنرل سيلز ٽيڪس (جي ايس ٽي ) متعارف ڪرايو ويو. هن وقت مختلف شعبن جي لاءِ انهن جي اقتصادي ترجيحن ۽ مسئلن کي نظر ۾ رکندي، جي ايس ٽي ، جي مختلف شرحن جي اجازت هئي. ڪجهه سيڪٽرن کي زيرو ريٽ ڪيو ويو هو.( مطلب ته سامان تي ڪو آئوٽ پُٽ ٽيڪس نه آهي، پر اِن پُٽ ٽيڪس فراهم ڪندڙ کي اهو  واپس ڪيو ويندو هو)

جڏهن ته ٻين کي گهٽ شرح تي چارج ڪيو ويو هو،۽ ٻين کي جي ايس ٽي، کان آجو قرار ڏنو ويو هو،(جيڪو آئوٽ پٽُ ٽيڪس کان آجو آهي جڏهن ته ان پُٽ ٽيڪس واپسي جوڳو نه هو) ان عمل سان بي بگاڙ پيدا ٿيو ۽ رقم جي واپسي کي هڪ ٿڪائيندڙ عمل ۾ بدلائي ڇڏيو. انهن معاملن کي ختم ڪرڻ جي لاءِ 2011-2012 ۾ پي پي پي ، جي حڪومت بين الاقوامي نطام (آر جي ايس ٽي) جي ايس ٽي ، پروگرام جي مشوري تي ، هڪ سڌارو ڪيل (آءِ ايم ايف) مالياتي فنڊ پروگرام کي وقت کان اڳ ختم ڪرڻو پيو. آءِ ايم ايف ، متعارف ڪرائڻ جي ڪوشش ڪئي پر ناڪام رهي، ڏهن سالن گذرن بعد موجوده حڪومت جيتوڻيڪ اءِايم ايف جي مشوري تي پر هڪ درست قدم کنيو. تنهن ڪري تجويز ڪيو ويو ته قومي اسيمبلي جي منظوري بعد سيلز ٽيڪس جي بگاڙ جي سڌاري جي لاءِ ان تي لاڳو ڪيل سمورا  استثنيٰ واپس ورتا وڃن ۽ هر شي تي هڪجهڙي شره سان سيلز  ٽثيڪس لڳايو وڃي.جيڪو واپسي جوڳو يا ايدجسٽ ٿي سگهي ٿو.ان عمل سان هيٺين رعايتن جي غلط استعمال جي روڪ بلڪه معيشت جي غير دستاويز  شعبن کي دستاويز بنائڻ م مدد دملندي.

عام واهپي جي شين جهڙوڪ ڪڻڪ، اٽي، چانورن،ڀاڄين،ميون،دالين ، مڇي،ڪڪڙ ،تازي کير، وغيره . جي ايس ٽي، کان آجا هوندا. اهڙي طرح ڪتاب،اسٽيشنري، ڪمپيوٽر، ليپ ٽاپ جي درآمدي اسپيئر پارٽس ۽خصوصي اقصادي زونز جي لاءِ درآمد ٿيل پلانٽ،مشينري،زرعي ٽريڪٽر، ڀاڻ، جي اڻ پُٽ، جيتن جي دوائن، ڪپڙڻ،جوتن. وغيره تي جي ايس تي ،گهٽ شرح سان چارج ڪيو ويندو.

مني بجيٽ جو مالياتي اثر 343 ارب روپيا آهي. جنهن ۾ فارماسوٽيڪل سڪيٽر  کان 160 ارب روپين جي ڇوٽ واپس ورتي وئي آهي.مشينري کان 112 ارب روپين ۽ ٻين شين تان 71 ارب روپين جي ڇوٽ واپس ورتي وئي آهي، تنهڪري کاڌي پيتي  جي شين تي ان جواثر ٻڙي هوندو.عام تاثر جي ابتڙ ان سان دوائن جي قيمتن ۾ گهٽتائي ٿيندي.

ٻين شين کي ڏسجي ته 36 ارب روپين جي ٽيڪس جي ڇوٽ انهن شين تان واپس ورتي وئي آهي.جن ۾ لگزري  شيون  شامل  آهن. مني بجيٽ جي ذريعي ايف بي آر ،بينڪن ۽مالياتي ادارن کان انهن فردن جي فهرست جي باري ۾ معلومات حاصل ڪرڻ جو اختيار طلب ڪيو جيڪي پورو ٽيڪس نٿا ڏين. انهن جا کاتا کوليي سگهجن ٿا يا وري انهن جي ڪاروبار جي اڪائونٽس جا تفيصل وٺي سگهجن ٿا.

ان ترميم سان ٽيڪس چوري ڪندڙن جي حوصله شڪني ٿيندي. سپليمينٽري سيلز ٽيڪس بل کانسواءِ حڪومت اسٽيت بينڪ ترميمي ايڪٽ 2021 پڻ متعارف ڪرايو آهي. ان جو مقصد رائج عالمي طريقن جي مطابق اسٽيٽ کي عملي ۽ انتظامي خود مختياري دنيا ۽ ان جي احتساب کي مضبوط بڻائڻو آهي. اهو آءِايم ايف جي صلاح سان هڪ هاڪاري قدم آهي،

ان کانسواءِ هن بل ۾ مرڪزي بينڪ جي گورنر جي مدي کي وڌائڻ جي تجويز آهي، گڏوگڏ ان بل سان ڪنهن به سنگين ڏوهه يا بد عنواني جي صورت ۾ لاڳاپيل اختيارين کي مرڪزي بينڪ جي اعليٰ عملدارن جي خالف جاچ ۽ انهن خلاف ڪارروائي جا اختيار پڻ ايوان کي ڏيڻ جي تجويز آهي. مرڪزي بينڪ بابت ترميم کي رڳو ان ڪري رد نٿو ڪري سگهجي ته اهو آءِ ايم ايف، جي مشوري سان ڪئي پئي وڃي.اها به حقيقت آهي ته پاڪستان کي ٽيڪس جي نيت ورڪ کي وڌيڪ وسيع ڪرڻ جي ضرورت آهي.حقيقت ۾  مني بجيٽ سان ملڪ جي معيشت کي دستاويز بڻائڻ ۾ مدد ملندي. اهڙو هڪڙو موقعو ملڻ گهرجي جنهن سان اميرن کان ٽيڪس وصول ڪرڻ ۾ مدد ملي سگهي.

 

 

 

 

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.