ياد ھڪ باغ ۽ ڏڪڻي مالھيءَ جي

تحرير؛ذلفي چاچڙ

مٽيءَ جي اوڏڪي ديوار، جا چيلھ تائين ايندي ھئي، جيڪا باغ  کي ڀيلجڻ، مال متال کان محفوظ رکندي ھئي، ھيءُ باغ پنھنجي انداز جو منفرد ۽ پرسڪون باغ ھوندو ھو، جنھن ۾ ميويدار وڻن سان گڏ عام وڻ به ھوندا ھئا،  ڏھاڪو کن ايڪڙن تي پکڙيل باغ ۾ وڏا ۽ قدآور ديسي وڻ جھڙوڪ سنڀل، ڄمون، زيتون، انب، ليار، ٽالھي، نم، بڙ، پيپل، ٻٻر، ٻير، کبڙ، گدامڙي، بادام ۽ سھانجھڙو وغيره ھوندا ھئا، جن جي عمر به ڀر سان وھندڙ بيگاري سنڌ فيڊر جي تاريخ سان ملندڙ جلندڙ ھئي، انھن وڻن تي پکين جي ھڪ الڳ دنيا قائم ٿيل ڏسڻ ۾ ايندي ھئي ۽ مختلف قسم جا پکي اتي آکيرا اڏي پنھنجو نسل وڌائيندا رھندا ھئا، مٺيون ۽ طرحين طرحين جون وڻندڙ ٻوليون ٻوليندا ھا، جھرڪين جي چون چون ۽ چھچٽو انسان کي فطرت جي نھايت ئي ويجھو وٺي ويندو ھو، جتي اداسين جو انت ٿيندو آھي ۽ ماڻھو مڙني مونجھارن مان مڪتي حاصل ڪري تازو توانو ۽ خوش ٿي واپس ورندو آھي، جڏھن سج ڊم بجلي تي ٻرندڙ بلب جيان مدھم ٿيڻ لڳندو ھو، ۽ منھن انڌارو ٿيڻ شروع ٿي ويندو ھو، ته جھرڪين جي جھار ۽ پکين جا ولر اڏاميو ايندا ھا ۽ وڻن تي ويھي مختلف ۽ مخصوص آوازن ۾ ٻولڻ شروع ڪري ڏيندا ھئا، تان جو چڱو خاصو گوڙ پئدا ٿي پوندو ھو ۽ تيستائين  انھن جو گوڙ جاري رھندو ھو، جيستائين گگھه اونداهه نه ٿي وڃي، ۽ اسر جو وري ساڳي چون چون ۽ داڻي پاڻي جي تلاش ۾ اڏامي وسيع آڪاش ۾ ٽڙي پکڙي ويندا ھئا۔ تنھن وقت جھرڪي جو ھڪ الڳ قسم / نسل ڏسڻ ۾ پڻ ايندو ھو، جيڪو ھاڻ بلڪل ئي ناياب ۽ ناپيد ٿي ويو آھي، جنھن جو پڇ عام جھرڪي کان وڏو ۽ ڳچي وٽان ھيٺ کان پيلو پٽو نڪتل نظر ايندو ھو، ۽ اھا سارين يا ڪڻڪ جي لاباري وقت جھجھي تعداد ۾ ڏسڻ ۾ ايندي ھئي، ۽ اڪثر لابارو ڪيل ڪڻڪ جي ٿبين (وَلَھ) تي ڳچي ھيٺ ۽ پڇ مٿي ڪري ويھندي ھئي، جا ڦوسڙي جيان پڇ ھر ھر ھيٺ مٿي ڪندي رھندي ھئي ۽ جيت جڻي کي جھٽي پنھنجي خوراڪ بڻائيندي رھندي ھئي، مذڪوره جھرڪي ٻين پکين جي ڀيٽ ۾ ماڻھن کان گھٽ خوف کائيندي ھئي۔ مون ننڊپڻ ۾ پھريون ڀيرو چٻ پکي کي ان باغ ۾ ڏٺو ھو، ھن جو ٻين پکين کان مختلف ھجڻ ۽ مون ڏانھن ماڻھن جيان گھوري ڏسڻ مونکي ڊيڄاري ڇڏيو ھو ۽ آئون هراس مان بدحواس بڻجي رڙيون ڪري ڀڳو ھئس، ڇو ته مونکي ڪو جن ڀوت ھجڻ جو گمان ٿيو ھو، جڏھن بي۔ايس فيڊر جي ڪڙ تي بيٺل سنڀل جي وڻن مان ڳاڙھا ڳاڙھا گل ڇڻي پاڻي ۾ پوندا ھا، تڏھن ايئن لڳندو ھو ڄڻ ته ڪنھن پاڻيءَ تي گلن جي ورکا ڪئي ھجي، ۽ جيڪي ترندا ترندا جڏھن پل جي گيٽن وٽ پھچندا ھئا ته اھي  پاڻي سان گڏ اڳتي وڌي دروازو پار نه ڪندا ھئا ۽ پاڻي ۾ چوڌار رات ڏينھن گول دائري ۾ واچوڙي وانگر ڦرندا رھندا ھئا، ۽ ايئن اکين کي ھڪ آسيس ڏيندڙ منظر ڏسڻ لاءِ ملندو ھو، اھڙي طرح اھي اتي ئي ڳري سڙي ختم ٿي ويندا ھا.پنجيتاليهھ آر ڊي ڪشمور لڳ واقع ان باغ جي سار سنڀال ھڪ پيرسن شخص غلام رسول لاشاري ڪندو ھو، جيڪو جيڪب آباد جو رھواسي ۽ ايريگيشن ۾ مالھي ھو، ضعيف العمري ۽ ھيڻائي سبب ان جو سِرَ سدائين ڏڪندو رھندو ھو، ان لاءِ مٿس ڏڪڻو مالھي نالو پئجي ويو ھو، جيڪو باغ جي ھڪ ڪنڊ ۾ جھوپڙي اڏي رھندو ھو، جيڪا وڻن جي گھاٽي ڇانو ۾ ڍڪيل رھندي ھئي، جنھن جو ڪو اولاد نه ھو ۽ نه ئي سندس شادي به ٿي ھئي، باغ ۾ موجود سمورا وڻ ان جا ئي پوکيل ۽ پاليل ھئا، جن سان ھو بيپناهه پيار ڪندو ھو، ۽ ساڻن گڏ رھندو ھو۔ ۽ ان باغ جي ڀر سان جتن جا ڪجھ جھڳا پڻ ھوندا ھئا، جتان سدائين توڏڙن ۽ اٺن جا رانڀاٽ ٻڌڻ ۾ ايندا ھئا، جيڪي ڪچي جي ٻيلي مان ڪاٺيون وڍي اٺ ڀري کڻي اچي شھر ۾ وڪرو ڪندا ھئا، ڇو ته تڏھن سوئي گئس جي سھولت فقط ھندو محلي ۾ ميسر ھوندي ھئي، جيڪو شھر جو قديم ڀاڱو آھي، ٻيا شھري ڪاٺيون ۽ ڇيڻا ٻاري پنھنجو رڌ پچاءُ ڪندا ھئا، جت ھڪ اٺ جو ٻئي اٺ، ٻئي جو ٽئين ۽ ٽئين جو چوٿين جي پڇ ۾ رسو ٻڌي ڇڏيندا ھئا ۽ پھرين اٺ جي مھار پنھنجي ڪلھي تي رکي اٺن قطار ڪاھيون ايندا ھئا ۽ اھڙي طرح اٺن جي ھڪ ننڍڙي ريل جڙي پوندي ھئي.مون شروع جو بغير داخلا جي سيد حسن علي شاهه ۾ پڙھڻ شروع ڪيو ھو، جيڪو انھيءَ باغ کان سڏ پنڌ کن پري آھي، ان زماني ۾ اھو اسڪول ھڪ ڪمري تي ٻڌل ھوندو ھو، جيڪو ھاڻ ھائير سيڪنڊري اسڪول بڻجي ويو آھي، ۽ شاندار بلڊنگ ۾ درس و تدريس جو سلسلو ھلندڙ آھي، اسان مان جيڪي شاگرد وقت سان اسڪول پھچي ويندا ھئا، اھي بينچن ۽ ٻين کي ھيٺ پٽ تي ويھي پڙھڻو پوندو ھو۔ 45 آر ڊي واري پراڻي پل تي ٻئي پل ٺھيل ھوندا ھا، جنھن کي ھاڻ ٽوڙي ختم ڪيو ويو آھي، ھڪ ھيٺ ۽ ھڪ مٿي ھوندي ھئي، ھيٺ واري پل تي صرف پيادل ماڻھون ھلي سگھندا ھئا ۽ ان تي بيھي مڇي جو شڪار پڻ ڪيو ويندو ھو، مٿين ۽ مين پل ٽريفڪ لاءِ ھئي، پر اسڪول اچڻ يا گھر وڃڻ وقت آئون اڪثر ٽئين پل جو استعمال ڪندو ھئس، جنھن تان ايريگيشن عملو بيھي در ھيٺ يا مٿي ڪندا ھئا ۽ پاڻيءَ جي وھڪري ۾ واڌ يا گھٽتائي ڪندا رھندا ھئا، ان پل ۾ ڪاٺ جا تختا لڳل ھوندا ھا، جيڪي پڻ ڪمزور حالت ۾ ھئا ۽ وچ ۾ ٽي ٽي چار ڦٽا گم ٿيل ھوندا ھئا، ان لاءِ ان پل تي ھلڻ جھڙوڪ پلصراط تي ھلڻ ھو، خدانخواسته جيڪڏھن ڪنھن جو پير سِلپ ٿي وڃي ھا ته اھو سڌو اونھي ۽ خطرناڪ پاڻي ۾ وڃي ڪري ھا، جتان ڪنھن جو زنده سلامت نڪرڻ ممڪن ئي نه ھو۔ جڏھن اھا حالت منھنجي والد ڏٺي ته ھو مون لاءِ سخت فڪرمند ٿيو، جيڪو خود به ايريگيشن ۾ ملازم ھو، ۽ ان بعد ۾ مونکي شھر جي اسڪول ۾ داخلا وٺي ڏني ھئي۔ اٽڪل ويھارو سال کن ٿيندا جو ھڪ مولوي اچي ان باغ تي قبضو ڪري پھريان مسجد  پوءِ مدرسو ۽ پنھنجو گھر ٺاھي ويھي رھيو، جنھن نه فقط سوين وڻ شھيد ڪري انھن جو ڪاٺ وڪرو ڪري وڏو ناڻو ڪمايو پر باغ جي باقي بچيل زمين به کپائي ڇڏي، ۽ ان ھنڌ کان فيڊر کي آھستي آھستي پوري ايترو  سوڙھو ڪيو ويو آھي، جو پاڻي جو لنگهھ به تنگ ٿي پيو آھي، اھڙي قسم جي ڪامياب قبضي کي ڏسندي ان مسجد جي بلڪل ئي سامھون مطلب ته فيڊر جي ٻئي ڀر پڻ ساڳي طرح ايريگيشن جي زمين تي پھريان مسجد ۽ بعد ۾ مارڪيٽ ٺاھي وئي آھي، مزي جي ڳاله ته آھي جو ان سرڪاري زمين جو نه رڳو روينو عملدارن ڪوڙا کاتا ٺاھيا آھن، پر انھن ڪوڙن کاتن تي يو بي ايل لکين رپيا قرض پڻ جاري ڪري چڪي آھي.

 ڪجھه سال اڳ پنجيتاليهھ آر ڊي واري پراڻي پل کي ٽوڙيو ويو ھو، ڇو ته اھا زبون ٿي چڪي ھئي۔ ۽ جيڪڏھن نئين پل ڪي ڪي بند جي سامھون ان مدرسي وٽان تعمير ڪئي وڃي ھا ته ھوند ڪشمور جي ڪچي وارن سوين ڳوٺن جي ھزارين ماڻھن لاءِ سھولت ٿي پوي ھا، ڇو ته ھاڻ جتان پل ٺاھي وئي آھي، اتان ٽي ڪلوميٽرن جو ولو آھي ۽ پوري علائقي جي عوام کي اھو غير ضروري مفاصلو طئه ڪرڻو پوي ٿو،  گذريل سال ھن ئي موسم ۾ شاخن ۽ واھن جي ڪَڙَن تي ويٺل ماڻھن جا گھر ڊاھي پٽ ڪيا ويا ھا ۽ پوهَ جي سرد راتين ۾ کين دربدر ڪيو ويو ھو، پر مسجدن جي آڙ وٺي ويٺل قبضاگيرن جو ڪنھن وار ونگو به نه ڪيو، مسجدون ڊاھڻ جي حق ۾ آئون به ناھيان پر مسجدن کان سواءِ سرڪاري زمينن تي ٻيا قبضا ختم ڪرائي اتي ٻيھر وڻ پوکيا وڃن، وڻ جن سان ڪيئي زندگيون سلهاڙيل ھجن ٿيون۔

 

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.