سنڌ جي آبپاشي کاتي جي اگھور ننڊ، آبادگار دربدر…

چئُه! جو توکي چوڻو آ......

سنڌ جيڪا 6 ھزار سال پراڻي ڌرتي آھي  سنڌ جيڪا اسان سنڌين جي لاءِ امڙ سمان آھي سنڌو جو پاڻي ڊي اين اي بڻجي اسان جي جسم ۾ گھمي رھيو آھي،  سنڌو درياهه جيڪو چمن جي جبلن مان نڪري ٿو سنڌو درياهه جيڪو ھن ڌرتي جو پراڻو ۽ وھندڙ اتم درياهه آھي. سنڌو جي سيني ۾ صرف ”واري“ اڏامي رھي آھي ھڪڙي پاسي اسان پنھنجي ادارن کي بھتر ۽  خوبصورت بڻائڻ لاءِ ھر ننڍي وڏي شي تي ڀرپور ٽيڪس ادا ڪندا آھيون پر ٻئي پاسي اسان جا ادارا ڏينھون ڏينھن ناڪارا ۽  تباھ ٿيندا ٿا وڃن. انھي جو سبب ڇا آھي ادارن جو بھتر نه ٿيڻ جو سبب آھي سنڌ ۾ موجوده آفيسرن جي مھا ڪرپشن جي ڪري ھر ادارو تباھي جي ڪنڌي تي پھتل آھي. ھاڻي ھلون ٿا پنھنجي حقيقي موضوع طرف موٽي اچون ٿا ته سنڌ جي پاڻي تي ھر وقت ۽ ھر ھنڌ ڌاڙا لڳندا رھيا آھن پنجاب جيڪو پنھنجي ھٺ ڌرمي ڪري سنڌ جي پاڻي جي حق تي ڌاڙو ھڻندو رھيو آھي. پنجاب جيڪي ضرورت کان وڌيڪ ڊيم ٺاھي سنڌ جي پاڻي کي ڳڙڪائي رھيو آھي وري ھاڻي پنجاب طرفان ”ڪالاباغ “ جھڙي مئل گھوڙي کي  زندھ ڪري رھيو آھي   جيڪڏھن سنڌ جي نصيب ۾ ٿورو گھڻو پاڻي اچي ٿو ته اھو به آبپاشي کاتي جي ناجائزين جي سبب معصوم ۽ مظلوم آباد گارن کي نٿو  ملي انھي تي وري وڏيرا ۽ بااثر ڌاڙو ھڻن ٿا.

سنڌ جا آبادگار فصل پوکڻ لاءِ پاڻي جي ھوند باوجود ھر روز احتجاج، ڌرڻا ۽  سوشل ميڊيا تي آواز بلند ڪندي نظر ايندا آھن جيڪڏھن سنڌ شاخن جو ذڪر ڪيون ته سنڌ جي سمورين شاخن کي مڪمل پڪي ڪرڻ لاءِ دنيا تمام وڏي بينڪ ”ورلڊ بينڪ “ طرفان مالي امداد مھيا ڪيو ته جيئن پاڻي ويسٽ نه ٿئي ۽ علائقا خوشحال ٿين جيئن دنيا ۾ آڪسيجن جو واڌارو  ٿئي. پر تعلقي مانجھند ضلعي ڄامشورو جون شاخون مڪمل ته پڪيون نه ٿي سگھيون آھن انھن تي ڪڏھن انجنيئر،  انتظاميا معاملي جو نوٽيس نه ورتو آھي وري جيڪي پڪا ٿيا آھن اھي صرف علائقي جي بااثر کي خوش ۽ انھن سان ملي ڀڳت ڪري پيسا ھضم ڪرايا ويا آھن. شاخن جو بيڊ ليول به صحيح نه آھي ائين ئي اھڙي  صورتحال مخدوم ساھڙ ۽ ٻڍاپور مائينر جي آھي جڏھن ته مخدوم ساھڙ ۽ ٻڍاپور مائينر تي بااثرن کي غِير قانوني ماڊول ڏئي پڇڙ جي آبادگارن سان ويساھ گھاتيون ڪيون ويون آھن انھي پوري معاملي جي انجنيئر ڄامشورو تائين ھر ھڪ آبپاشي عملدار کي خبر آھي پر اھي نوٽيس وٺڻ لاءِ تيار نه آھن جنھن سبب پڇڙ جا آبادگار سخت پريشان. پر جيڪڏھن پڇڙ جا آبادگار، سرويئر ۽ داروغو کان پاڪستان جي آئين ۽ قانون تحت پاڻي نه پھچڻ جو سبب جو پڇاڻون ڪن ٿا ته  اھي انھن جون تذليلون ۽ بااثر جا داٻا، انھن جا ڏس پتا ڏين ٿا جڏھن وري ڪنھن بااثر شخص جي پاڻي جو وارو ھوندو اتي وري مخدوم ساھڙ جي شاخ پاڻي سان اوور ٽاپ ڪري وھندو آھي ھاڻي ڳالھه اھا سمجھڻ جي آھي ته ڇا ھي آبپاشي کاتو حڪومت جي وزير ۽ سيڪريٽري کان علاوه بااثر به ھلائين ٿا.  ھڪ اھڙو ئي مسئلو مخدوم ساھڙ جي آبادگار سان به پيش آيو جنھن ٻڌايو مون جڏھن  داروغي کان پڇيو ته پاڻي نٿو اچي سبب ڇا آھي تنھن داروغي ڏيڻ کان جواب ڏنو.  پاڻي تو لاءِ نه آھي ڇاڪاڻ تون بااثر کان اجازت نامو نٿو وٺي اچين.  پر رھي ڳالهھ ڇا اھو آبادگار پورھيت سنڌ جو پٽ ۽  ھنج ڄائو نه  آھي پنھنجي حق جي پاڻي لاءِ بااثر کان اجازت نامو گھري. اھا ته سنئون سڌي آبپاشي کاتي جي ھٽ ڌرمي آھي

جيڪڏھن بجلي جو نظام به ڏسجي ته اھو تمام بھترين ٿيو آھي اڳ جيڪو 12 ڪلاڪ ھو ھاڻي جو وقت وڌائي 24 ڪلاڪ ٿي ويو آھي پر انھي کان پوءِ جيڪڏھن پاڻي پڇڙ جي آبادگارن تائين نه ٿو پھچي سگھي  ته انھي جو سنئون سڌو ذميوار ضلعي ڄامشورو تي موجوده آبپاشي کاتي جو  انجنيئر آھي آبپاشي کاتي جي اگھور ننڊ ۾ پيل انجنيئر صاحب جي ڪري مخدوم ساھڙ ۽ ٻڍاپور مائينر جي پڇڙي جي آبادگارن تائين پاڻي نٿو پھچي پڇڙ جي آبادگارن جو معاشي قتل عام ٿي رھيو آھي ء آبادگارن جي معصوم ٻارڙن جو تعليمي مستقبل تباھ ٿي رھي رھيو آھي. جنھن جو ذميوار ڪير آھي مظلوم آبادگارن جي ۽ انھن جي ٻارڙن جي مستقبل داءُ تي لڳل آھي  جنھن جا علائقي تي غلط طريقڪار سان اثر پوندا. آبادگار فاقا ڪشي جي زندگي گذاريندا ٻيو علائقي جو امن اڏامي ويندو. زندگي ٻئي رخ تي ھلڻ شروع ڪندي پر اسان چئون ٿا ته پڇڙي جي آبادگارن تائين پاڻي پھچائيو جيئن انھن جي زمينن ۾ خوشحاليءَ آبادگارن ۾ خوشي موٽي سگھي. انھي لاءِ وڌيڪ آبادگار جو مطالبو آھي ته سپريم ڪورٽ معاملي جو نوٽيس وٺي.  آبپاشي کاتي ضلعي ڄامشورو تي سخت کان سخت ڪارروائي ڪئي وڃي جيئن سرڪاري عملدار سجاڳ ٿي پون…

تحرير؛صوفي طارق علي کوسو

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.