سوشل ميڊيا ڪارنر

ڪوھ مري جي سنڌ ھجي ها

ڪوھ مري جي سنڌ ھجي ها، ۽ جي ايڏي برف پوي ها،

ڪيڏي آفت يار هجي ها، پوءِ به نه مان گهٻرايان ها، 

جيڪو منهنجو حال هجي ها، هرگز ڪين لڪايان ها،

پنهنجي وس کان اڳتي نڪري، ديڳون مان پچرايان ها،

پاڙي اوڙي مان به وٺي ڪجهھ، مان بکين کي کارايان ها

سانگيءَ ڦاٽڪ وارو ٻيهر، سو  ڪردار وري دهرايان ها

ڪوھ مري جي سنڌ ھجي ها، ۽ جي ايڏي برف پوي ها

ڪو به هتان جو هوٽل وارو ايڏي لالچ ڪين ڪري ها،

پئسي پويان ڪين ڊڪي ها،  انسانن ڏي ڌيان ڌري ها

برف اندر ايئن تڙپي تڙپي ڪوبه مسافر ڪين مري ها،

پنهجو پرائو ڪو به نه ڄاڻي، پنهنجي گهر ترسايان ها،

ڪوھ مري جي سنڌ ھجي ها، ۽ جي ايڏي برف پوي ها

مون کي جاهل سمجهڻ وارا، پنهنجو ويهي حال ڏسي وٺ

قائم جيڪي ڪيل آھن سي سنڌين جا به مثال ڏسي وٺ

 ستيتاليهن کان  تن جا،  عمل  ڀلايون ۽ ڀال ڏسي وٺ

هي تنهنجا تيرنهن تال ڏسي بي” بيوس“  نه پڇتايان ها

ڪوھ مري جي سنڌ ھجي ها ۽ جي ايڏي برف پوي ها

پروفيسر بخش علي بيوس چانڊيو

ڪوھ مري واقعو  ۽ ننڊ پيل حڪومت

جمعي جي رات ڪوھ مري۾ ٿيل سانحو حڪومت جي نااھلي کي چٽو ظاھر ڪري ٿو!!! مري ۾  برف باري ٿيڻ ته ھڪ عام رواجي ڳالهھ آھي،جنھن جي ڪشش سبب ھر سال لطف اندوز ٿيڻ لاءِ پاڪستان جي ڪنڊ ڪڙڇ مان ماڻھون فيملين يا دوستن سان اچن ٿا.ڪڏھن ته اھا برفباري  طوفاني شڪل اختيار ڪري خطري جي گھڊڙي بڻجي وڃي ٿي;جيئن ٽي چار ڏھاڙا اڳ ۾ ٿيو آھي!!!

موسمياتي ماھرن پاران اڳ ۾ ئي اطلاع ڪيل ھو تنھن ھوندي به انتظاميه حرڪت ۾ نه آئي،جنھن مان حڪمرانن جو حالتن  کان وانجھيل ھئڻ يا وري ھنن جي لاپرواھي ظاھر ٿئي!! جڏھن ته سياحتي مقامن تي سياحن لاءِ ھر قسم جي سھولت ۽ قدرتي آفتن يا ڪنھن به حادثي ۾ متاثر ماڻھن کي  بچائڻ حڪومت جي اھم ذميوارين ۾ شمار ٿئي ٿو… انھيءَ تناظر ۾ ڏسجي ته حڪومت گذريل چئن سالن ۾ ھن شاھوڪار ملڪ جي غريب عوام کي مھانگائي جي چڪي ۾ پيڙھي ھر سال خودڪشين جي انگن ۾ اضافي جو ڪارڻ بڻي آھي!!! تنھن کان اھڙن حادثن ۾ تڪڙا ڪي جوڳا قدم کڻڻ جي اميد رکڻ ٻٻرن کان ٻير گھرڻ جي برابر آھي

ڪوھ مري جي ايراضي اوچائي تي ھڪ گول دائري جي صورت ۾  حسين ھجڻ سان گڏ تمام ننڍي به آھي، جتي ھڪ ئي وقت  4000 ھزار گاڏين جي پارڪ ڪرڻ جي گنجائش ھوندي به ھڪ لک گاڏين کي داخل ٿيڻ جي اجازت ڏني وئي;  موسم جي بگڙجڻ جو اطلاع ملڻ جي باوجود به نه روڪيو ويو !! مٿان وري مري ويلن جو انگ گھٽ ڄاڻائي  حڪومت جي ڪارن ڪرتوتن تي پردو وجھڻ جي ڪوشش ڪئي وئي آھي… ٿيڻ ائين کپندو ھو ته ٻه ڏينھن اڳ ئي موسمي تبديلي کي منھن ڏيڻ لاءِ بندوبست ڪيو وڃي ھا ته شايد ايترو جاني نقصان نه ٿئي ھا ..! ۽ اتي انساني روپ ۾ ھوٽلن ۽ ريسٽ ھائوسز جي مالڪن ۽عملي کي ناڪيلي وجھي ڪمرن جا اگھه 5000کان 25000 تائين ۽ 15000کان 50000تائين وڌائڻ بجاءِ گھٽائڻ تي مجبور ڪجي ھا ته ، پنجاب حڪومت جي به واهه واهه ٿي وڃي ھا ..! پر سلام آھي مري جي انھن تاجرن کي  جيڪي انسانيت جا ليڪا لتاڙي بيٺا !! سلام آھي سياحت کاتي جي عملدارن ۽ حڪومت کي جنن جي ڪنن تي جونء به ڪان سري…!

مري اھو علائقو آھي  جنھنکي انگريزن جي دور حڪومت ۾ سائنسي نقطه نگاھ سان  ھميشه لينڊ سلائيڊنگ،۽ زلزلن (earth quackes) جھڙين قدرتي آفتن ۾ گھيريل قرار ڏنو ويو ھو…انگريز سرڪار پاران ھتي ريتي،بجري جھڙن مسالن سان اڏاوت بجاءِ  ڪاٺ جون جايون اڏڻ جي پلاننگ ڪئي وئي ھئي … پر پاڪستان جي وجود ۾ اچڻ ۽ انگريزن جي تڏا ويڙھڻ کان پوءِ 74سالن ۾ ھتي غير قانوني ۽ غلط مٽيريل سان اڏاوتون ڪري  ھن ننڍڙي ايريا تي بوجھ وڌو ويو آھي، جيڪو خطرن کي دعوت ڏيڻ جي برابر آھي; ۽ حڪومت پاڪستان  ملڪ جي اندر اھل ماڻھن جي ذھانت کي استعمال ڪري خطرن کي منھن ڏيڻ جي اھليت ئي نه ٿي رکي…!!

قمرالنساءِ ٽالپر

بهترين ڪم

پياري حسن جنهن بهترين روايت جي شروعات ڪئي آهي ان جي پيروي ٿيڻ گهرجي. اسين سڀ جيڪي اهڙا ڪاڄ يا دعوتون ڪيون ٿا جن ۾ گهڻو پيسو خرچ ٿئي ٿو، اهو پيسو ڪوشش ڪري انسانن جي ڀلائيءَ لاءِ ڪم آڻجي۔ ماني ته کاڄي هضم ٿي ويندي پر جيڪڏهن انهن پيسن مان ڪنهن جي اکين جو نور واپس اچي ٿو يا ڪو مرض ٺيڪ ٿي وڃي ٿو ته ان کان وڌيڪ ٻي ڪهڙي سٺي ڳالهه ٿي ٿي سگهي!

مسرور پيرزادي جي پوسٽ

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.