اسلاموفوبيا يا يهودي فوبيا (اينٽي سيميٽزم) 

تحرير؛رياض ابڙو 

فوبيا يا خاص اسلاموفوبيا مان لفظي مراد اها آهي ته عام ماڻهوءَ جي دماغ ۾ جڏهن ڪا اهڙي شيءِ گهَرُ ڪري وڃي جنهن مان هن کي اسلام مان خوف ٿئي يا پاڻ کي غير محفوظ سمجهي يا اهو سمجهي ته اهي ماڻهو جن کي هي پنهنجي دين، ڌرم، مذهب يا ايمان سان لاڳو نه ٿو ڪري سگهي يا اهي هن سان ڪنهن صورت منسلڪ يا وابسطا ناهن ته اهي هن جي جان جي لاءِ خطرو ثابت ٿي سگهن ٿا يا ڪنهن صورت خطرناڪ آهن، اهي هن جي خيال جا نه ٿا ٿي سگهن يا اهي هن جي ايمان جو حصو نه ٿا ٿي سگهن يا جن سان هي ڪنهن قسم جي ايمان ۽ مذهبن جي دائري جي ڳالھه ڪو ضد بحث به نه ٿو ڪري سگهي يا ڪو بحث مباحثو به نه ٿو ڪري سگهي.

اهڙي غير محفوظ سوچ جي معني، مفهوم، مطلب يا فنامنا کي فوبيا چئي ٿا سگهون، هاڻي وري ساڳي ڳالھه يا ان مذهبي ڊڄ ۽ فوبيا کي جي اسان ٻين مذهبن، قومن، لساني جماعتن، ٽولن، گروهن يا مذهبي گروپن سان لاڳاپيون ته ڇا اهي سڀ ”فوبياز“ ناهن، يا اسان کان جي ٻيا مذهب ڊڄن يا اسان ٻين مذهبن کان ڊڄون ته پوءِ ٻئي هڪٻئي جي لاءِ فوبيا نه ٿياسين يا خطرناڪ نه ٿياسين (طاقتور ملڪن جو توازن ٻي ڳالھه آ) اتي اسان ايشيائي مذهبي گروهن جو مثال ته وٺي سگهون ٿا، پر اهڙي خوف واري ڳالھه ته مغرب وارا پاڻ ئي ٿا ڪريئيٽ ڪن يا ٺاھ ٺوھ ٿا ڪن يا پاڻ ٿا ويٺا هٿ جي گھڙن ۽ ٺاهن، اسان ته وري به لبرل آهيون (ڪنهن حد تائين) يا حڪومتن يا رياستي هڪ ئي طرح جي سسٽم ۽ سرشتي ۾ رهون ۽ جيئون ٿا (معني نه اسان وٽ سوشلسٽ نه اسان وٽ ڪميونسٽ نه اسان وٽ حڪومتي انسانيت) يا ائين به چئون ته اسان انگريز ٿيڻ جي شوق ۾ ماڻهن کي صبح سوير سان ”گڊ مارننگ“ سائين ”گڊُ ايوننگ“ يا ”گڊ نائيٽ“ چئي آسرو پلي سمهي ٿا پئون، پوءِ اهي ٽيليفونڪ هجن يا فزيڪلي گريٽنگس يا کيڪار هجن پر اسان ته پاڻ کي انگريزي ڳالهائيندي به سٺو ٿا محسوس ڪيون معني اسان ته پاڻ کي لبرلزم ۽ نيئولبرلزم جا اهڃاڻ ٿا سمجهون ان زمري ۾ (مڃون ٿا ته انگريز دنيا جي سڌريل قومون آهي يا خاص علمن، عقلن، ايجادن، سائنسن، فلسفن ۽ الائي جي ڇا ڇا؟ ۾ گھڻا آهن) پر اهي ڪڏهن به هڪٻئي سان کيڪار ڪرڻ ۽ پڇڻ ڳاڇڻ ۾ اسان وارو طريقو (يا عربن) وارو سلام ته ناهن ڪندا يا جي ڪو غلطي سان ڪندو به هوندو ته اهو پنهنجي شامت پاڻ آڻيندو هوندو، يا دنيا وارن جي لاءِ پڙهيل لکيل اهو آ جيڪو انگريزي ڳالهائي، ٻڌي، سمجهي ۽ لکي به سگهي، ان ڪري ته سلام ڪرڻ واري رِسڪِ کڻڻ کان بهتر آ ته ماڻهو ”هيلو ۽ هاءِ“ مان ڪم وٺي ۽ ڪم ٽپائي، ڇو ته اسان انهن انگريزن جي سسٽم کي ته ايڊاپٽ ڪري سگهون ٿا پر اهي نه ٿا ڪري سگهن ان ڪري ته اهي سڌريل ۽ دنيا جون حاڪم قومون آهن، اسان ان زمري ۾ قيامت تائين نه اچي سگهنداسين يا ڪي ٻئي قومون به (سواءِ چائينا ۽ روس جي) پر ڳالھه ته لبرلزم جي ٿي هلي ته انگريز قدامت پسند آ (جيڪو هڪ ٻيو بحث آ) ۽ ايترو بنياد پرست، گورا پرست ۽ ريسسٽ آ جنهن جي ڪا حد.

مثال جي حڪومتن جي سيٽ اپ ڏسون ته اسان کي لولي لنگڙي جمهوريت ڏئي به خوش ٿا ڪري ويهن يا جي سياسي جماعتن کي ڌڪي ڌار ٿا ڪن ۽ فوجي حڪومتون به لهي ٿيون پون ته به اسان ته اوڙهي جا اوڙها، معني ”انڌي جهڙي پيڪين تهڙي ساهرين“ اسان نه ڪميونسٽ نظريي جي ڪا جھلڪ ڏسي سگهيا آهيون جنهن ۾ سمورو معاشرو هڪجهڙو هجي يا اسان وٽ سوشلزم جا خواب ڏيکارڻ وارا ڄاوا ئي ناهن نه ئي اسان اهڙي سسٽم جي لائق ئي آهيون، نه اسان وٽ ڪيپيٽلسٽ نظام (مڪمل) هلي ٿو سگهي، نه اسان وٽ ڪو ٻيو اهڙو نظام، پر اسان وٽ ته ڊڪٽيٽرشپ، مونوپولزم، ضياءُ ازم يا ايوب ازم يا اهڙو ڪو ٻيو فرسوده نظام ضرور اچي سگهي ٿو جنهن ۾ مٿئين طبقي جي ڪا سڻائي لکيل هجي پر پوءِ به اسان جو معاشرو اهڙن مغرب زده فلسفن جو حامل نه ٿو ٿي سگهي، ڇو ته اسان وٽ اڳي ئي معاشرتي ”فوبيائون“ گھڻيون آهن، ان ڪري ان اسلامي فوبيا سان جي آمريڪا منهن ڏئي سگهي ته ڀلي ڏئي، ان جي مرضي جي نه به ڏئي ته به ان جو راض، پر اسان وٽ يا سمورن اسلامي ملڪن ۾ يهودي ۽ عيسائي فوبيا ناهي ڇا؟ (فلسطين کي ڏسون) ان ڪري جو آمريڪا جا تسلط اڃان ختم ئي نه ٿا ٿين، ڇو ته جيترو دٻدٻو، دهشت، خونريزي ۽ لاقانونيت آمريڪي رياستن ۾ آ، اوتري دهشت ۽ وهشت دنيا جي ٻئي ڪنهن ملڪ ۾ ناهي، يا جيترو هٿيارن جو استعمال آمريڪا جي رياستن ۾ ٿئي ٿو اوترو ڪٿي به ناهي، ان جو مثال ائين به وٺون ته گذريل سال جنوري ۾ ڪيپوٽول رياست ۾ سڌي سنئين فائرنگ جي دهشتگردي نه هئي ته پوءِ ڇا هئي؟

پوءِ اسان ڀلا ان امن ۽ ڀائيچاري، اڻ برابري ۽ برابري، انصاف ۽ ڏاڍائي يا ٻين معاشرتي آڊيولاجيز ۾ فرق ڪيئن ڪيون، يا رڳو بالاتري ۽ برتري واري فارمولي تي هجون يا رڳو اهو سمجهون ته جيڪو انگريز (يا خاص) آمريڪا چئي ته ڪيون مثال جي اهي طالبان کي دهشتگرد چون ته اسان به چئون، اهي جي طالبان تي رحم جو هٿ رکن ته اسان به رکون يا اهي جي عربن جي مٿان بي ڏوهو الزام مڙهي بم ڪيرائن ته اسان به چئون ته ها اهي هيا ئي اهڙا يا جڏهن 2012 ۾ ٽوني بليئر اهو تسليم ڪري ته انهن نيٽو فورسز، الائيڊ فورسز ۽ آمريڪي سي آءِ اي وارن غلط ڪيو ته پوءِ اسان به سمجهون ته اسان به هاڻي پاڻ کي ٽِيُونِ ڪيون ۽ اها اسٽيشن ٻڌون جنهن کي آمريڪي يا دنيا ڪنُ ڏيون ويٺي هجي، پوءِ اهي سڀ آڊيولاجيز ته ڌوڙ ٿي ويون جن ۾ امن، ڀائيچاري، برابري، گلوبلزم يا انسانيت جي پرچارڪ آهي.

پوءِ اسان ڪهڙي راھ وٺون ان ڪري ته سڀ فوبياز ته اهي پاڻ ٿا ٺاهن ۽ پاڻ ٿا ڊاهن، غريب معاشرا ڪاڏي وڃن جن کي اقتصاديات ۽ معاشيات جا علم رڳو ڪتابن ۾ پڙهڻ ۽ پڙهائڻ ٿا اچن، تجرباتي ۽ پريڪٽيڪيلٽي انهن جي وس جي ڳالھه ناهي، پر آمريڪي معاشرو، ڊيموڪريٽس، ريپبليڪن يا ليبر پارٽيون سنڀالڻ وارا ته اهي عقل ڪل آهن انهن ته سڄي دنيا جو زمو کنيو آ، جنهن ۾ امن جي بحالي جي لاءِ بم به آهن ته ڊالر به، امداد به آهي ته ڊرون به آهن.

گذريل هفتي ”الهان عمر“ (هڪ ڪانگريس جي ميمبر ۽ نمائنده پڙهيل لکيل عورت جيڪا سائوٿ آفريڪا جي ڪاري نسل جي آ) جنهن زبردست طريقي آمريڪي ايوان ۾ تقرير ڪري انهن کي چتاءَ ڏنو ته اهي اسلاموفوبيا نالي جيڪي به پروپيگينڊا ڪن ٿا ان کي روڪيو وڃي ڇو ته اهڙي ئي نفرت وري ”اينٽي سيميٽزم“ معني يهودين جي لاءِ به اڀري ٿي جنهن کي ڪنٽرول ڪرڻ ان ڪري مشڪل ٿي پوندو، جو مسلمان ملڪ ان نفرت ۽ محبت جو خُميادو ڀوڳن ٿا پيا، جنهن ۾ فلسطين جو مثال اسان جي سامهون آ، يا ڪشمير ۽ افعانستان جي داستان اڃان ڪنهن ٻئي رخ ڏي وٺي ويندي، ان ڪري آمريڪا جو انٽريسٽ جي گوانٽاناما جيل ڀرڻ آ يا آمريڪا جو انٽريسٽ عرب ملڪن ۾ خونريزي ڪرڻ آ يا آمريڪا جو ڪم مسلمان ملڪن ۾ يهوديت جي خلاف بغاوت پيدا ڪرڻ آ يا انهن صيهوني قوتن کي هُشي ڏيڻ آ يا يهودي آمريڪا جي ٿنڪ ٽئينڪ بڻجي مسلم ملڪن يا غير انگريز ملڪن تي ڏمر آڻڻ وارا آهن يا ڪانگريس به ان ڳالھه ۾ راضي آ ته جي عيسائين وٽ رڳو اسلاموفوبيا هجي معني اهي ماڻهو اسلام جي نالي کان نفرت ڪن يا اهي رڳو مسلمانن کان هروڀرو ڊڄن يا آمريڪا جهڙي ملڪ ۾ جتي ڪاري نسل جي ماڻهن کي چِٿي چَٻي ماري ڇڏيندا هجن يا جتي گوراڪريسيءَ جو راڄ هجي يا انهن جو ڪم به اهو هجي ته مسلمان ملڪن ۾ ”اينٽي سيميٽزم“ معني يهودين ۽ عيسائين جي خلاف نفرت وڌائجي يا سڀ مذهب هڪٻئي جي خلاف ويٺا نفرتون ڦهلائن ته پوءِ گلوبلزم جو ڪم ڪيئن هلندو؟ جو هڪڙا مغربي ملڪ امپورٽس ۽ ايڪسپورٽس به هلائن ٿا يا اهي مذهبن جي فرقن کان آجا ٿي سڀ ڪاروبار به ڪن ٿا ته پوءِ آمريڪا وٽ اهڙين نفرتن جو آخر انت ڇاهي؟

اسان وٽ اسيمبلين ۾ جهيڙا رڳو چور چور ڪري ڪارروايون هلائي ويندا آهن پر دنيا جو سڌريل قومون آڊيالاجيز تي پرمغز بحث ڪري ڪو کڙتيل ڪڍنديون آهن، ڪانگريس ۾ ”الهان عمر“ طرفان پيش ڪيل ان بل جو متن اهو به هيو ته هڪ اسپيشل ايلچي رکيو وڃي جيڪو اسلاموفوبيا جي ڳالھه تي ماڻهن ۾ جاڳرتا آڻي ته اهو ڪجهھ به ناهي، ان تي هڪ يهودي عورت ”شيڪوسوي“ به تعريف جي لائق آهي (انهن جون وڊيوز يوٽيوب تي پيون آهن جيڪي ٻڌي سگهجن ٿيون) ڇو ته هڪ يهودي عورت ٿي ڪري اها به نه ٿي چاهي ته مسلمان ان جي ڪميونٽي ۾ ڪنهن نفرت جو شڪار نه ٿين، ان ڪري ٽرمپ واري دور ۾ مسلمانن تي وڏيون پابنديون رهنديون آيون هيون يا ان دور ۾ اسلامي ملڪن تي سفري پابنديون به هيون پر آمريڪا جي انسانيت جي پرچارڪ آ ته پوءِ انهن سڀني فوبيائن جو بار به وري آمريڪا تي آهي ته اها ئي ڪجھه ڪري ۽ عالمي معاشري ۾ ڀائيچاري ۽ امن جو دائرو بحال ڪري.

 

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.