سياست ۾ اخلاقيات جي کوٽ

تحرير؛حاڪم نصيراڻي

اڄ ڪلهھ سڄي ملڪ کي آڊيو ۽ ويڊيو ليڪ پنهنجي سحر ۾ جڪڙي ڇڏيو آھي۔ ڪڏهن ڪٿان ڪا ويڊيو اچي وڃي ٿي ڪڏهن ڪٿان ڪو آڊيو اچي وڃي ٿو۔ وڏي ڳالھه اها جو اهي سڀ ليڪسز پراڻيون آھن۔انهن کي رڪارڊ ڪرڻ وارن جا پيرا کڻڻ يا انهن تي تبصرو ڪرڻ وقت ۽ لفظن جو زيان آھي ڇو ته سياست جي ميدان ۾ ڳولڻ تي ڪيترائي اهڙا بي ضمير ۽ خوشامدي ماڻھو موجود آھن جيڪي پل پل جي خبر هت کان هت پهچائڻ ۽ پاڻ وڻائڻ ۾ پورا لڳا پيا آھن پر اهڙن خبرن کي سانڍڻ وارن اهڙو ته سانڍي رکيو جو ڇا ڪجي؟ هاڻي وري هڪ واٽس ايپ چيٽ جو چرچو ماحول کي گرمائڻ لاءِ منظرعام تي آندو ويو آھي، ان چيٽ کي ڏسڻ کان پوءِ اندازو ٿئي پيو ته اسان جا چونڊيل ڪجھه نمائنده بلڪل ئي گهٽيا ۽ ڪم ظرف آھن۔ سياست ۾ اختلاف ٿيندا آھن ان جو اهو مقصد ناهي جو ذاتيات تي لفظي يا عملي طور حملا ڪيا وڃن يا اهڙا منصوبا ٺاهيا وڃن۔ ملڪي سياست ۾ ”چور لٽيرو بداعنوان بي ايمان لوٽو“ هي اهي لفظ هئا جيڪي سياستدان مخالف جي باري ۾ استعمال ڪندا هئا پر 2014 واري عمران خان جي ڌرڻي کان پوءِ اهي لفظ پنهنجي اصل صورت وڃائي ويٺا، ڪنٽينر تي عمران خان جون تقريرون ٻڌڻ کان پوءِ نوجوان طبقو جذباتي ٿي ويندو هو نتيجو اهو نڪتو جو ڪٿي ڪپڙا ٽنگيل نظر آيا ته ڪٿي ادارن ۾ گهڙي ماڻھن تي لتن مڪن جو وسڪارو ڪيو ويو، اهي ته هئا ڪارڪن جيڪي اڳواڻ طرفان مليل هدايتن تي عمل ڪندي ائين ڪرڻ تي مجبور هئا۔

اليڪشن وڙھڻ عام ماڻھو جي وس جي ڳالھه ناهي ڇو ته عام ماڻھو ٻن ويلن جي ماني لاءِ پريشان آھي بيمار ٿئي ته دوائن لاءِ فڪرمند۔ ان صورت ۾ اليڪشن وڙھڻ جو تصور ئي سندن پگهر ڪڍي ڇڏي ٿو.اليڪشن ۾ ڪروڙين روپيا خرچ ڪيا ويندا آھن. جڏهن اميدار پنهنجي ممڪنه ناڪامي ڏسندو آھي ته پوءِ پيسي جي زور تي بي ضمير لالچي وڏيرن ميرن پيرن ڀوتارن کي جهجهي رقم ڏيئي خريد ڪري وٺندو آھي۔ ان ڪري غريب صرف ڪنهن کي چونڊي ته سگهي ٿو پر بهترين ڪردار هوندي پاڻ کي ڪڏهن به چونڊرائي نه ٿو سگهي۔

اسان پنهنجي چونڊيل ميمبرن جي جهول ۾ هزارين حسرتون لکين محبتون آس ۽ اميدن جو اڻکٽ سلسلو وجهي اسيمبلين ڏانهن موڪليندا آھيون۔ اها آس هوندي آھي ته اهي چونڊيل چنڊ اسان جي حقن لاءِ وڙھندا بهترين قانون سازي ڪندا پر ٽي وي جي اسڪرين تي اسان کي جيڪو ڪجھه نظر ايندو آھي اهو ڪنهن به طرح مهذب معاشري جي معتبرن جو ڪم نٿو لڳي، قومي اسيمبلي توڙي صوبائي اسيمبلين ۾ انيڪ جهيڙا خبرن جي زينت بڻجي چڪا آھن پر خاص طور تي بد زباني ۾ ڪجھه ماڻھو پنهنجو مٽ پاڻ آھن۔ پ پ پ توڙي نوازليگ ۾ اهڙا بد مزاج جهيڙاڪ  ماڻھو شامل آھن پر تحريڪ انصاف ۾ بدڪلام ماڻھن جي ڪا ڪمي ناهي۔

جيئن مون مٿي واٽس ايپ چيٽ جي ڳالھه ڪئي ته اها واٽس ايپ چيٽ تحريڪ انصاف سنڌ جي ميمبرن جي آھي جنهن ۾ اهو واضح ٻڌايو ويو آھي ته اسيمبلي جو اجلاس صرف وڙھڻ لاءِ گهرايو ويندو۔ان اجلاس ۾ وڏي وزير ۽ اسپيڪر کي خاص نشانو بڻايو ويندو، مرد ته مرد پر عورتون به پنهنجا جوهر ڏيکارڻ لاءِ بيچين لڳي رهيون آھن، هڪ عورت ميمبر لکيو ته مون کي به وڙھڻو آھي۔

هاڻي اهڙي قسم جون ڳالهين جي جڏهن خبر انهن جي گهر وارن کي پئي ته انهن ڇا سوچيو هوندو؟ انهن جي خاندان وارن يا دوستن تي اهڙين ڳالهين جو ڪهڙو اثر ٿئي ٿو؟ ڀل اهي ڳالهيون انهن ميمبرن جي مٽن مائٽن لاءِ اهميت نه به رکنديون هجن پر اهڙن ڳالهين جو معاشري جي صحت تي اثر ضرور ٿئي ٿو۔اهڙن ميمبرن جي اهڙي غير اخلاقي حرڪتن جي ڪري انهن لاءِ عزت سانڍي رکندڙ سندس ووٽر جي صحت تي اثر ضرور پوندو آھي، ان ڳالھه جي خبر انهن ميمبرن کي هجڻ گهرجي، ان سان گڏ اهڙا ماڻھو لولي لنگڙي جمهوريت لاءِ به بيحد خطرناڪ آھن۔جيئن هر حڪمران پنهنجي تقرير ۾ چوندو آھي ته هن وقت ملڪ جي حالت خراب آھي ۽ ملڪ نازڪ دور مان گذري رهيو آھي، سياسي پارٽين جي اخلاقي ڏيوالپڻي کي ڏسندي مان به چوندس هن وقت واقعي ملڪ ۾ جمهوريت مشڪل دور مان گذري رهي آھي۔ سياستدانن جي غلط پاليسين، روين ۽ فيصلن ملڪ جو هر طرح سان ٻيڙو ٻوڙي ڇڏيو آھي ڪٿي انهن سياسي نابالغ ماڻھن جي ڪريل حرڪتن جي ڪري ملڪ ڪنهن وڏي بحران ۾ نه ڦاسي پئي؟ ملڪي ۽ غيرملڪي سازشي بس موقعي جي تلاش ۾ آھن جڏهن به انهن کي موقعو مليو جمهوريت جي ٽپڙي گول ڪئي ويندي۔ ھن واٽس ايپ چيٽ کان پوءِ مونکي پنهنجو لکيل هڪ جملو ياد اچي ٿو ته عمران خان اهڙو ماڻھو آھي جيڪو نه پاڻ کيڏندو ۽ نه وري ٻي ڪنهن کي کيڏڻ ڏيندو، سو جڏهن به عمران خان محسوس ڪيو ته هاڻي بازي سندس هٿن مان نڪري وئي آھي ان وقت سياسي پچ جو اهڙو ته برو حشر ڪري ڇڏيندو جو اها پچ جمهوري راند جي قابل ئي نه هوندي۔ ان ڪري مجبورن امپائر کي چوڻو پوندو هلو راند ختم آھي، نئين پچ تيار ڪري پوءِ راند جو آغاز ڪنداسين پوءِ ان پچ کي ٺاهڻ ۾ ٽي مهينا لڳن يا وري ٽي سال ان جو فيصلو ته وقت تي ٿيندو پر سنڌ اسيمبلي جي معزز ميمبرن جي ان چيٽ سندن تربيت کي ظاهر ضرور ڪيو آھي۔مان سمجهان ٿو سنڌ اسيمبلي جي چونڊ ان ڪري ڪئي وئي آھي جو سنڌي فيصلو ڪرڻ ۾ دير ناهن ڪندا۔خدا نخواسته جيڪڏهن ڪنهن پي ٽي آءِ ميمبر کي ڪجھه ٿي پيو ته اها ڳالھه ڳاٽي کان چڙهي ويندي، جنهن جو نتيجو وري به جمهوريت کي نقصان جي روپ ۾ ظاهر ٿيندو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.