پ پ حڪومت تي ڀلي تنقيد ڪيو پر سياست کي لساني رنگ نه ڏيو

تحرير؛زرار پيرزادو

¨ مڪاني نظام بابت پ پ سرڪار پاران سنڌ اسيمبلي مان پاس ڪرايل ترميمي مڪاني بل کي مخالف ڌر جون سڀ جماعتون رد ڪن ٿيون جيڪو سندن جمهوري حق آهي.

¨ جڏهن ته پ پ  سرڪار جو انهيءَ حوالي سان پنهنجو موقف آهي ۽ ان جو خيال آهي ته هي ترميمي مڪاني بل، مشرف حڪومت جي مڪاني نظام کان گهڻو بهتر آهي ۽ ان ۾ هيٺين سطح تي ضلعي اختيار وڌايا ويا آهن.

¨ سنڌ سرڪار جو اهو به موقف آهي ته ايم ڪيو ايم سان تعلق رکندڙ ڪراچي جو اڳوڻو ميئر وسيم اختر به ماضي ۾ ان قسم جي مڪاني نظام جو مطالبو ڪندو رهيو هو پر هاڻي جيئن ته ايم ڪيو ايم، پي ٽي آءِ جي اتحادي آهي تنهن ڪري ان مخالفت براءِ مخالفت واري واٽ ورتي آهي.

¨ جڏهن ته جماعت اسلامي جنهن کي ٽي ڀيرا ڪراچي جي ميئرشپ ملي آهي تنهن پڻ سڄي سنڌ ۾ ان ترميمي مڪاني بل خلاف احتجاج ڪيو آهي تنهن جو موقف آهي ته هي بل سراسر بدديانتي تي ٻڌل آهي. پ پ جي سرڪار 18 هين ترميم هيٺ مرڪز کان ته صوبي کي حق ڏياريا پر هيٺين سطح تي هو اختيار ڏيڻ لاءِ تيار ناهي جيڪو ان جي ٻٽي معيار جي نشاندهي ڪري ٿو.

¨ پ پ جيئن ته حڪمران جماعت آهي تنهن کي جمهوري روح تحت هن معاملي تي مخالف ڌر جي سڀني جماعتن سان ڳالهائڻ گهرجي ۽ گڏيل اتفاق سان مڪاني نظام آڻڻ گهرجي.

¨ جيتوڻيڪ سنڌ اسيمبليءَ ۾ پ پ کي اڪثريت آهي ۽ ان بنياد تي اها ڪو به قانون پاس ڪري سگهي ٿي پر جمهوري جماعت هئڻ ناطي ان کي مخالف ڌر کي اعتماد ۾ وٺڻ جي هر ممڪن ڪوشش ڪرڻ گهرجي.

¨ پ پ هونئن ته مفاهمت، ڳالهين ۽ پارلياماني روايتين کي هٿي ڏيڻ جي ڳالهه ڪندي آهي پر اهي ڳالهيون رڳو اقتداري ۽ سياسي مفادن تائين محدود نه هئڻ گهرجن پر سازگار جمهوري ماحول لاءِ هئڻ گهرجن.

¨ ايئن اسان ايم ڪيو ايم کي به مشورو ڏينداسين ته اها پ پ جي پاليسين جي خلاف ڀلي پنهنجو موقف رکي پر ان معاملي کي لساني رنگ نه ڏئي. اهو نه چوي ته ڪراچي سنڌ کان ڌار آهي يا سنڌ جي ٻين شهرن ۾ رهندڙ سنڌين جو ڪراچي تي ڪو سياسي حق ناهي ۽ نه ئي پ پ جي مڪاني نظام کي سنڌين جو مڪاني نظام سمجهڻ گهرجي.

¨ پ پ حڪومت تي تنقيد مخالف ڌر جي جماعت تي ڪرڻ گهرجي، پر ان جي پاليسين جو نزلو سنڌي ماڻهن تي نه هارڻ گهرجي.

¨ سنڌي ماڻهو ته ايم ڪيو ايم، جماعت اسلامي، پي ٽي آءِ ۽ مسلم ليگ(ن) ۾ به آهن. سنڌين جون قومپرست جماعتون به آهن، سنڌي کاٻي ڌر ۽ مذهبي جماعتن ۾ به آهن. سو تنقيد سياسي نوعيت جي ڪرڻ گهرجي، لساني فتنو پيدا نه ڪرڻ گهرجي.

¨ اسان کي ڪنهن ريت به اعتراض ناهي ته اوهان  پ پ خلاف احتجاج ڪيو، ان جي حڪومت تي تنقيد ڪيو پر پ پ حڪومت جي پاليسين جا ذميوار سنڌي ماڻهو ناهن.

¨ سياسي جماعتن کي صحتمند، اصولي ۽ نظرياتي سياست جو ڪردار عوام کي ڏيکارڻ گهرجي پر افسوس ته اڄ جي سياست گدلي، بدبودار، پرتشدد ۽ غير معياري هلي رهي آهي ٻيو ته ڇڏيو انهن کي اهو به احساس ناهي ته لساني فتنو پيدا ڪرڻ سان ڪيتريون انساني جانيون ضايع ٿي سگهن ٿيون.

¨ سو نوٽ ڪرڻ جي ڳالهه اها آهي ته سياست کي جيڪڏهن صرف ۽ صرف پارٽي مفادن تائين محدود ڪبو ته ان جو نتيجو پوءِ غير معياري سياست جي صورت ۾ ئي نڪرندو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.