پي ٽي آءِ فنڊنگ ڪيس: کٽيندڙ ۽ هارائيندڙ ٻئي خوش

تحرير؛خالد سعيد

اسان واقعي شاباس جا حقدار آهيون، هڪ اهڙي معاشري ۾ سچ کي ڪوڙ ثابت ڪرڻ جي  لاءِ پوري قوت سان سرڪاري وسيلا استعمال ڪري رهيا آهيون جتي هر خرابي موجود آهي، جنهن کي مهذب  سماج ۾ لعنت سمجهيو وڃي ٿو.اهو نئون رواج انهن ماڻهن عام ڪيو آهي، جن جي دل ۾ هڪ صالح سماج جو وڏو درد آهي. رياست مدينه جو ته اعلان ڪري ڇڏيو پر اهڙين زبانن تيار ڪرڻ جي فئڪٽري به کولي ڇڏي جيڪي جديد طريقي سان  ڪوڙ ڳالهائين ٿيون.هاڻي اهڙي سماج ۾ اوهين ڏهه رحمت العالمين اٿارٽيز جوڙي ڇڏيو ڪنهن جو ڇا بگڙندو ؟

معاشرا ارتقائي منزلون طئه ڪري اعليٰ قدرن تائين پهچن ٿا،پوءِ انهن قدرن کي اڳيان وڌائين ٿا ته جيئن ايندڙ نسل به انهن تي عمل ڪندو رهي.پر اسان جي ملڪ ۾ اعليٰ قدر ڪيئن اڳيان وڌن جڏهن قيادت ئي انهن کي فنا ڪرڻ تي جنبيل آهي.اسان کي عجيب ميچ ڏيکاريا پيا وڃن، کٽندڙن جي ڀيٽ ۾ هارائيندڙ پاڻ وڏي آواز ۾ پنهنجي کٽڻ جو اعلان ڪري رهيا آهن ۽ وري تماشائي آهن جيڪي هڪ ٻئي جو منهن پيا ڏسن.ريفري خاموش آهي ته ماڻهون پاڻ ئي نتيجو ڪڍندا.

پي ٽي آءِ فنڊنگ ڪيس هجي يا تباه حال معيشت جي ڪهاڻي، لڳي ٿو ته هر سرڪاري اهلڪار اهو قسم کڻي ڇڏيو آهي ته ” جيڪو چوندس ڪوڙ چوندس، ڪوڙ کانسواءِ ڪجهه نه چوندس“. سرڪاري اعلان ڪوڙ ، حڪومتي بيان ڪوڙ،پارليامينٽ ۾ ڏنل جواب ڪوڙ،عدالتن سامهون ڪوڙ، سرڪاري فائلن ۾ ڪوڙ۽ جيڪڏهن ڪجهه سچ باقي رهجي ويوآهي ته صرف اهو ته اسان هر ان قدر کي شعوري طور تي فنا ڪري رهيا آهيون،جنهن جي بنياد تي صحت مند معاشرا تعمير ٿيندا آهن. هاڻي پي ٽي آءِ ،جي باني رڪن اڪبر ايس بابر ڀلي چوندو رهي ته پارٽي مني لانڊرنگ ۾ ملوث آهي يا ان کي ملندڙ فنڊز جا ذريعا مشڪوڪ آهن،ان جي ڪير ٻڌندو.

هڪڙو زمانو هو جو ڪوڙ ڳالهائڻ کي شرم جي ڳالهه سمجهيو ويندو هو ۽ جي ڪنهنجو ڪوڙ پڪڙجي پوندو هو ته اهو ٻين کي منهن ڏيکارڻ کان ڪيٻائيندو هو.پر چويهن ڪلاڪ ايمانداري جو ورد ڪندڙ ظالمن جي هن عهد ۾ اعليٰ عهدن تي فائز ماڻهون  فخر سان سر مٿي کڻي ڪوڙ پيا ڪُٽين. ڪوڙ جو سرڪاري سطح تي منظم انداز ۾ بچاءَ هڪ اهڙي خطرناڪ روش آهي جيڪا اسان جي سموري نظام کي تيزي سان فنا ڪري رهي آهي۽ ڪو نٿو سوچي ته ان جي اڳيان ڪيئن بند ٻڌو وڃي.

پي ٽي آءِ غير ملڪي فنڊنگ ڪيس ۾ اليڪشن ڪميشن آف پاڪستان جي اسڪروٽني ڪميٽي جي رپورٽ ۾ لکيل آهي ته حڪمران جماعت ڪروڙين رپيا فنڊ لڪايو ۽ اليڪشن ڪميشن آف پاڪستان کي پارٽي فنڊنگ جي باري  غلط معلومات ڏني وئي. اسٽيت بينڪ آف پاڪستان جي فراهم ڪيل دستاويز ۾ ڄاڻايو ويو ته پارٽي جا 26 بينڪ اڪائونٽ آهن،پي ٽي آءِ انهن مان ٽن بينڪ اڪائونٽن جي باري ۾اليڪشن کي تفصيل مهيا ڪيا.

ڏينهن رات ٻين جي چوري ۽ ڪرپشن جي ڳالهين کي اکيڙڻ وارا هي سچ پرست چون ٿا ته 2008 کان 2013 جي دوران پارٽي کي 1.33 بلين رپين جا فنڊز مليا، جڏهن ته اسٽيٽ بينڪ جي رپورٽ ۾ ٻڌايو ويو انهن فنڊز جي ماليت 1.64 بلين رپيا هئي.باقي 31 بلين رپيا ڪهڙي لنگر خاني کي عطيو ڪيا ويا، شفافيت جي ديوي چهري تي پردو وجهي خاموش ويٺي آهي.

اهي ڪهڙيون 1414 پاڪستاني ۽ 47 غير ملڪي ڪمپنيو ن آهن جن جي دل  ۾ ايترو درد هو جو پنهنجن کاتن مان پي ٽي آءِ جون ٽجوڙيون ڀرينديون رهيون ؟جيڪڏهن اهو ڪار خير هو ته پوءِ ان تي پردي وجهڻ جي ڪهڙي ضرورت ؟ چڱي ڪم جي ته مشهوري ٿيڻ کپي جيئن ٻين جي به حوصلي افزائي ٿئي.

لڪايو ته انهن ڪمن کي ويندو آهي جيڪي قانون جي خلاف هجن،آمريڪا کان ان کي 234 ملين ڊالر جي فنڊنگ ملي پر ڇا ڪو ترجمان اهو به ٻڌائيندو ته اسڪروٽني ڪميٽي کي پارٽي جي آمريڪي بينڪن تائين رسائي ڇو نه ملي سگهي ؟

پي ٽي آءِ کي آمريڪا کانسواءِ دبئي، برطانيا،ڊينمارڪ،جپان، ڪيناڊا،آسٽريليا ۽ ٻين به ڪيترن ئي ملڪن مان فنڊز مليا.هڪ پرائيويٽ بينڪ اسٽيت بينڪ آف پاڪستان کي 2.2 ملين ڊالرز فنڊ جو تفصيل مهيا ڪيو آهي.جيڪو پارٽي کي دبئي مان مليو.پر پارٽي جي انصاف پسندي ۽ شفافيت جو اهو عالم آهي جو اسڪروٽني ڪميٽي کي ڪنهن به ملڪ مان ملندڙ فنڊز جو تفصيل فراهم نه ڪيو ويو.

فنڊز ڏيندڙن ۾ 4755 پاڪستاني، ۽ 230 غير ملڪي ڪمپنيون شامل آهن. انهن ڪمپنين جو تعلق ڪهڙي ڪهڙي ملڪ سان  آهي ان  جي باري ۾ ڪو به ڪجهه به چوڻ جي لاءِ تيار نه آهي.هاڻي جيڪڏهن ڪو هندوستاني يا اسرائيل جي ڪنهن ڪمپني کي به انهن ڪمپنين ۾ شامل ڪرڻ  چاهي ته پنهنجي رسڪ تي ايئن ڪري سگهي ٿو.سمورن پاڪستانين کي آزادي آهي ته اهي ڪو به ملڪ تصور ڪري سگهن ٿا.ڇاڪاڻ جو نالي جو خانو خالي ڇڏيو ويو آهي.

جيڪڏهن پاڪستان جي ڪا ٻي سياسي جماعت ڪنهن غير ملڪي ڪمپني کان فنڊ وٺي ته ڇا ان جي مٿي تي به اهڙي طرح شفقت جو هٿ رهندو يا اهو ڪنهن ٻئي سلوڪ جي سزا جو حقدار قرار ڏنو ويندو ؟

اهو به هڪ ڳجهو راز آهي ته اسان جي جنهن عقابي انٽيليجنس ايجنسين کي ايتري تائين معلوم هوندو آهي ته  ڪنهن سياستدان فلاڻي ڏينهن جيڪو برگر کاڌو هو ان جي ادائيگي ڪنهن ڪئي هئي.اهي ان معاملي تي خاموش آهن.

ان معاملي ۾ ڪجهه آڊٽ ڪمپنين جو ڪردار به ڪافي مشڪوڪ رهيو آهي.جيڪڏهن اربين روپين جي جوڙ ڪٽ ۾ ايتريون سنگين غلطيون معافي جي قابل آهن ته پوءِ ڪهڙي اداري جي حساب تي اعتبار ڪري سگهجي ٿو. هڪ ڪمپني جي آڊٽ رپورٽ  تي ڪنهن آڊيٽر جي صحيح ٿيل نه آهي.۽ اها آڊٽ ڪمپنين جي نگراني ڪندڙ سڀني کان وڏي اداري ”آڊٽ اوور سائيٽ باڊي“ وٽ رجسٽرڊ به نه آهي.اهڙين ڪمپنين کان پنهنجي پسند جي آڊٽ رپورٽ وٺڻ آسان هوندو آهي.پي ٽي آءِ جهڙين جماعتن جي لاءِ اهڙيون ڪمپنيون الله جي رحمت آهن.

هاڻي خان صاحب کان ڪير پڇي تي اوهان شوڪت خانم اسپتال جي لاءِ ته پهرين ئي ڏينهن کان چئن وڏين آڊٽ ڪمپنين مان هڪ اي ايف فرگوسن جون خدمتون حاصل ڪيون آهن پر پارٽي فنڊنگ جي آڊٽ هڪ اهڙي ڪمپني کان ڪرائي آهي جنهن جي  نالي کان به گهڻا ماڻهون واقف نه آهن، ڇا ٻين جي ڳچي کي جهليندڙن مان ڪو هاڻي اوهان جي ڳچي ۾ به نهارڻ جي همت ڪندو ؟

 

 

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.