لياري ۾ 7 ماڙ عمارت به غير قانوني قرار، ڊاهڻ جو حڪم

ڪراچي (رپورٽر) سنڌ هاءِ ڪورٽ جي جسٽس حسن اظهر رضوي تي ٻڌل ٻه رڪني بئنچ لياري آگرا تاج ۾ غير قانوني اڏاوت جلد ڪيرائڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي . آگرا تاج ۾  96 اسڪوائر يارڊ تي ٻڌل 7ماڙ پورشن ٺاهڻ جو ڪيس آهي . عدالت ايندڙ ٻڌڻي تي ڊي جي ايس بي سي اي سميت ٻين کي ذاتي حيثيت ۾ طلب ڪندي رپورٽ طلب ڪري ورتي آهي. عدالت بجلي ،گئس ۽پاڻي جا ڪنيڪشن ڏيڻ کان به روڪي ڇڏيو آهي. جسٽس حسن اظهر رضوي پنهنجي رمارڪس ۾ چيو ته آگرا تاج ۾ 8 ،8 ماڙ عمارت جاپورشن ٺاهيا ويندا آهن غير قانوني اڏاوت کي ڪنهن به صورت ۾ برداشت نه ڪيو ويندو . 03

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.