ميرپورخاص جي شگرملن بنا سبب ڪمند جي خريداري بند ڪري ڇڏي، آبادگار پريشان

ميرپورخاص (رپورٽ: صالح اوٺو) ميرپورخاص جي شگرملن برساتن بعد اوچتو ڪمند جي خرداري بند ڪري صرف جاري ڪيل ايڊنٽ ۽ ٽوڪن وارو ڪمند جي گاڏين کي ملن اندر اچڻ جي اجازت ڏنل آهي جڏهن ته آبادگارن پاران واڍي ڪيل ڪمند جي خريداري کان انڪار ڪرڻ سبب آبادگارن ۾ سخت تاءُ ڦهلجي ويو آهي آبادگارن شگرملن پاران سرڪاري اگھ تي به ڪمند جي خريداري ڪرڻ کان انڪار ڪرڻ کي آبادگارن خلاف سازش قرار ڏيندي شگرملن خلاف احتجاجي تحريڪ هلائڻ جو اعلان ڪيو آهي جنهن حوالي سان آبادگارن جي تنظيم سنڌ فارمرز آرگنائزيشن ڪائونسل سنڌ پاران ميرپورخاص ۾ اربع واري ڏينهن اجلاس طلب ڪيو ويو آهي جنهن ۾ شگرملن خلاف احتجاجي تحريڪ شروع ڪرڻ جو اعلان ڪيو ويندو. ان حوالي سان رابطو ڪرڻ تي فارمرز آرگنائزيشن ڪائونسل سنڌ جي چيئرمين جاويد جوڻيجي چيو ته ميرپورخاص ضلع ۾ هن وقت تائين مشڪل سان 25 سيڪڙو ڪمند جي ڪٽائي ٿي سگهي آهي جڏهن ته 75 سيڪڙو ڪمند هن وقت تائين آبادگارن جي زمينن ۾ بيٺل آهي جنهن جي ڪري ڪڻڪ جي به پوکائي سخت متاثر ٿي هن چيو ته شگرملن ۾ ڪمند جي خريداري جو مقابلو ٿيڻ جي ڪري آبادگارن کي 330 روپيا مڻ جو اگهھ ملي رهيو هو جنهن کي ڏسندي آبادگارن ڪمند جي ڪٽائي ۾ تيزي آندي  هن چيو ته شگرمافيا جي سازش کي ڏسندي اسان اربع واري ڏينهن ايف او سي جو اجلاس طلب ڪيو آهي جنهن ۾ شگرملن کي 24 ڪلاڪن اندر هلائڻ ۽ ڪمند جي خريداري شروع ڪرڻ جو الٽي ميٽم ڏنو ويندو جيڪڏهن ڏنل الٽي ميٽم دوران شگرملن آبادگارن کان ڪمند جي خريداري شروع نه ڪئي ته تمام شگرملن جو گھيرائو ڪري احتجاجي ڌرڻا هنيا ويندا جيڪي مطالبن جي مڃتا تائين جاري رهندا.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.