مري ۾ ٻيهر برفباري، ڪيترائي سياح اڃا به ڦاٿل، داخلا تي پابندي ۾ واڌ

راولپنڊي(م ڊ) پنجاب جي وڏي سردار عثمان بزدار ۽ پنجاب جي آءِ جي راءُ سردار علي جي هدايت تي راولپنڊي ٽريفڪ پوليس ۽ ضلعي پوليس سانحي مري جي ريسڪيو آپريشن دوران گذريل 72 ڪلاڪن دوران رات ڏينهن جي اڻٿڪ محنت سان سياحن کي ريسڪيو ڪري محفوظ ماڳن تي پهچائڻ سان گڏوگڏ ريسڪيو آپريشن دوران گذريل ڏينهن برف ۾ ڦاٿل سمورن سياحن کي ريسڪيو ڪري محفوظ هنڌن تي پهچايو ويو هو، جڏهن ته برف ۾ ڦاٿل سياحن جي گاڏين کي محفوظ ماڳن ڏانهن منتقل ڪرڻ بعد سندن مالڪن حوالي ڪرڻ جو عمل جاري آهي،جڏهن ته مري ۽ آسپاس برفباري جو سلسلو سومر تي ٻيهر شروع ٿي ويو جنهن سبب امدادي ڪاررواين ۾ رڪاوٽون اچي ويون، اڃا به ڪيترائي ماڻهو ڦاٿل هئڻ جا اطلاع آهن،  مقامي انتظاميا مطابق اهڙا ماڻهو جن جون گاڏيون اڃا برف ۾ دٻيل آهن ان ڳالهه تي بضد آهن ته اهي پنهنجيون گاڏيون کڻي ئي گهرن ڏانهن واپس ويندا، مري ۾ سياحن جي آمد تي پابندي ۾ وڌيڪ واڌ ڪئي وئي آهي، سومر تي به سياحن جي وڏي انگ ٽول پلازه کان مري ۾ داخل ٿيڻ جي ڪوشش ڪئي،هوٽلن ۾ سياح نه هئڻ برابر آهن، محمد اشفاق ان تاثر کي غلط قرار ڏنو ته هوٽل مالڪن ان آفت دوران سياحن کان من گهريا ڪرايا وصول ڪيا، صحافي عمران اصغر چيو ته ڪمري جو ڪرايو شديد برفباري کان اڳ ٽي کا 7 هزار رپيا روزانو هو، برفباري جي پهرين ڏينهن 20 هزار ، ٻئي ۽ ٽئي ڏينهن انهن ڪمرن جو ڪرايو 30 کان 40 هزار رپيا ٿي ويو جڏهن ته جاچ ڪميٽي کي هفتي ۾ رپورٽ ڏيڻ جو حڪم ڏنو ويو آهي،

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.