علي حيدر زيدي پاران مڪاني بل سمورن فورمن تي چئلينج ڪرڻ جو اعلان

اسلام آباد(م ڊ) وفاقي وزير علي حيدر زيدي جو سنڌ لوڪل باڊيز بل سمورن لاڳاپيل فورمن تي چئلينج ڪرڻ جو اعلان ڪيو آهي. هن پنهنجي هڪ بيان ۾ چيو آهي ته پ پ طرفان صوبائي اسيمبليءَ ۾ پيش ڪيل لوڪل باڊيز بل خلاف سموريون سياسي پارٽيون ڪيترن ئي ڏينهن کان متحد آهن. هن چيو ته بل آئين جي آرٽيڪل 140 اي سان تضاد رکندڙ آهي. علي زيدي پي ٽي آءِ سنڌ طرفان بل کي سمورن لاڳاپيل فورمز تي چئلينج ڪرڻ سميت سنڌ ۾ مخالف ڌر طرفان گڏيل احتجاج کي سپورٽ ڪرڻ جو پڻ اعلان ڪيو آهي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.