لاڙڪاڻي ڀرسان سارين جي ديري تي ڌاڙيلن جي فائرنگ، 2 ڄڻا مارجي ويا.4 زخمي

لاڙڪاڻو(ڊ ر) لاڙڪاڻي ڀرسان آريجا ڦيڙهو ٿاڻي جي حد ٺوف چوسول ڀرسان ڳوٺ پيارو مگسي ۾ مبينا طور ڌاڙيلن سارين جي ديري تي انڌا ڌنڌ فائرنگ ڪري ڏني، جنهن جي نتيجي ۾ ٻه ڄڻا سيف الله ۽ نديم کوسو ٿڏي تي مارجي  ويا، جڏهن ته فائرنگ جي نتيجي ۾ چار ڄڻا طفيل علي کوسو، شيراز علي کوسو، نظام علي بروهي ۽ ڪريم جتوئي سخت زخمي ٿي پيا، زخمين کي سندس وارث  ڳڻتي جوڳي حالت ۾ کڻائي چانڊڪا اسپتال جي حادثن واري شعبي ۾ پهتا، جتي کين طبي مدد ڏني وئي. ان موقعي تي مقتول ۽ زخمين جي وارث عبدالعزيز کوسي ٻڌايو ته اسان جا وارث ڳوٺ ڀرسان زرعي زمين ۾ ٿريشر لڳائڻ بعد  سارين جي ديري تي ويٺل هئا، جتي ڌاڙيلن مٿس فائرنگ ڪري ڏني جنهن جي نتيجي ۾ 2 ڄڻا ٿڏي تي مارجي ويا ۽ 4 ڄڻا زخمي ٿي پيا، جن کي اسپتال داخل ڪرايو آهي. هن مطالبو ڪيو ته فائرنگ ۾ ملوث ڌاڙيلن کي گرفتار ڪري انصاف فراهم ڪيو وڃي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.