قتل ڪيس جي سزايافته جوابدار شاهه رخ جتوئي جي اسپتال ۾ شاهاڻي زندگي

ڪراچي(رپورٽر) شاهه زيب قتل ڪيس جي سزايافته مرڪزي جوابدار شاهه رخ جتوئي کي اسپتال کان واپس جيل موڪليو ويو، هڪ نجي ٽي وي خبر نشر ڪئي هئي ته شاهه رخ جتوئي جيل بدران ڪيترن ئي مهينن کان نجي اسپتال ۾ رهي رهيو آهي، ذريعن مطابق شاهه رخ جتوئي ڪراچي ۾ قمر الاسلام اسپتال جي مٿئين ماڙ تي رهي رهيو هو، اسپتال جتوئي جي خاندان ڪرائي تي حاصل ڪري رکي آهي، جتي شاهه رخ جتوئي سزايافته ڏوهاري هئڻ باوجود هڪ قيدي بدران عام انسانن واري زندگي گذاري رهيو هو، ذريعن موجب شاهه رخ کي سنڌ جي گهرو کاتي جي حڪم تي جيل کان نجي اسپتال ۾ منتقل ڪيو ويو، ان ۾ سنڌ جي هڪ اعليٰ شخصيت جو هٿ آهي، جيو نيوز موجب سنڌ جو صحت کاتو شاهه رخ کي خانگي اسپتال منتقل ڪرڻ جي فيصلي کان بي خبر آهي، صحت کاتي موجب شاهه رخ کي خانگي اسپتال منتقل ڪرڻ لاءِ ڪو به رابطو نه ڪيو ويو، کيس ميڊيڪل بورڊ کان بغير ئي نجي اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي، جڏهن ته خانگي اسپتال جي ايڊمنسٽريٽر محمد معين چيو ته شاهه رخ جتوئي 8 مهينن کان اسان جي اسپتال ۾ علاج هيٺ هو، کيس سموري پروسيجر بعد اسپتال ۾ رکيو ويو هو، هن چيو ته شاهه رخ  پاران اسپتال ڪرائي تي وٺڻ واري ڳالهه درست ناهي، ذريعن جو چوڻ آهي ته شاهه رخ جتوئي اڍائي سالن کان وڌيڪ عرصي کان جيل ۾ نه هو، کيس 18 جون 2019ع تي سينٽرل جيل کان جناح اسپتال موڪليو ويو، جتان ڊفينس جي علائقي ۾ واقع نجي اسپتال منتقل ڪيو ويو، جڏهن ته شاهه رخ جتوئي کانپوءِ ڪيترائي وڌيڪ بااثر سزايافته قيدي پرائيوٽ اسپتالن مان سينٽرل جيل ڪراچي پهچايا ويا، جناح اسپتال ۾ ساڍن پنجن مهينن کان موجود ڪشمور ڪمار به سينٽرل جيل منتقل ڪيو ويو، سعيد ڀرم سميت 12 قيدي پرائيوٽ اسپتال کان سينٽرل جيل منتقل ڪيو ويو، سزايافته قيدين کي جناح اسپتال بدران بهادرآباد جي هڪ خانگي اسپتال ۾ رکيو ويو هو، ذريعن موجب سزايافته بااثر قيدين کي جيل بدران اسپتالن ۾ رکڻ منافعي بخش ڪاروبار بڻجي ويو آهي، سزايافته بااثر قيدين کي جناح اسپتال ۽ ٻين سرڪاري اسپتالن  جي جعلي خطن جي آڌار تي پرائيوٽ اسپتالن ۾ رکيو ويو، صحت کاتي جي ذريعن موجب جناح اسپتال ۾ هن وقت رڳو ٻه قيدي داخل آهن جن کي جلد علاج کانپوءِ جيل منتقل ڪيو ويندو

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.