اسلام آباد جون مڪاني چونڊون اي وي ايم مشين ذريعي ڪرائڻ جو اعلان

اسلام آباد(م ڊ) وفاقي حڪومت اسلام آباد جون مڪاني چونڊون اليڪٽرانڪ ووٽنگ مشين ذريعي ڪرائڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي. اسلام آباد ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي سائنس اينڊ ٽيڪنالاجي واري وزير شبلي فراز چيو ته اي وي ايم جي معاملي تي چيف اليڪشن ڪمشنر ۽ ٻين ميمبرن سان ملاقاتون ٿيون ان معاملي جي بحث هاڻ ٻئي مرحلي ۾ داخل ٿي ويو آهي، هن چيو ته اسلام آباد جون مڪاني چونڊون اپريل ۾ ٿينديون جنهن ۾ اي وي ايم ذريعي ووٽنگ ٿيندي. ان سان چونڊون شفاف بنائڻ ۾ مدد ملندي. جڏهن ته اليڪشن ڪميشن اسلام آباد ۾ مڪاني چونڊون ڪرائڻ جي لاءِ اي وي ايم جو انگ به ٻڌايو ويو آهي. ايندڙ هفتي اليڪشن ڪميشن کي مخصوص انگ ۾ اي وي ايم مشينون ڏينداسين.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.