ڪراچي وارن جو انتظار ختم، گرين لائن بس منصوبو مڪمل طور آپريشنل

ڪراچي (م ڊ) ڪراچي وارن جو انتظار ختم، گرين لائن بس منصوبو مڪمل طور تي اپريشنل ٿي ويو. 21 ڪلو ميٽر ڊگهي ٽريڪ تي 60 بسون ڊوڙنديون. پهرين مرحلي ۾ سرجاني ٽائون کان نمائش تائين 21 ڪلو ميٽر روٽ تي بسون هلايون وينديون. ڀاڙو 15 کان 55 روپيه رکيو ويو. ٽڪيٽ جي لاءِ ريچارج ايبل ڪارڊ به دستياب آهن. 18 ميٽر ڊگهي بسن ۾ 40 سيٽون آهن. بس ۾ هڪ ئي وقت 150 مسافر سفر ڪري سگهندا. وڌيڪ رش جي صورت ۾ 190 مسافرن جي گنجائش هوندي. بسن ۾ معذور ماڻهن جي لاءِ جڳهه مخصوص آهي ۽ خودڪار ريمپ لڳل آهي. هر بس ۾ 2 وهيل چيئرز جي جڳهه مخصوص رکي وئي آهي. ڪراچي گرين لائن منصوبي جي لاءِ بسون ڏيندڙ ڪمپني موجب ڪراچي جون بسون لاهور، اسلام آباد ۽ پشاور ۾ هلندڙ بسن جي مقابلي ۾ سڀني کان وڌيڪ جديد آهن. هي بسون يورو ٿري معيار جون ۽ هائبرڊ آهن. ان ۾ ڊيزل سان گڏ خودڪار طريقي سان چارج ٿيندڙ بيٽري به استعمال ٿيندي. جنهن سان تيل جي بچت سان گڏ ماحول کي به فائدو ٿيندو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.