سنڌ ۾ اومي ڪرون جا 39 نوان ڪيس ظاهر

ڪراچي (رپورٽر) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه اومي ڪرائون ڪيسن جي حوالي سان جاري ڪيل بيان ۾ چيو آهي ته اڄ ڪورونا وائرس جي اومي ڪرون وارين 53 نمونن جي ٽيسٽ ڪئي وئي جنهن جي نتيجي ۾ 39 مثبت ڪيس سامهون آيا آهن. هن چيو ته 75 سيڪڙو مثبت ڪيس سفري تاريخ جا آهن. مقامي لڏپلاڻ جا ڪيس پڻ تيزي سان وڌي رهيا آهن. سنڌ جي وڏي وزير عوام کي هر صورت ۾ محتاط رهڻ جي هدايت ڪئي آهي. ٻئي پاسي ڪراچي جي ايڊمنسٽريٽر مرتضيٰ وهاب شهر ۾ ڪورونا جي وڌندڙ ڪيسن کي نظر ۾ رکندي شهرين کي سخت فيصلن کان خبردار ڪيو آهي. هڪ بيان ۾ مرتضيٰ وهاب چيو ته گذريل ٻن هفتن ۾ ڪورونا ڪيسن ۾ تيزي سان اضافو ٿيو آهي ۽ ڊيٽا جو جائزو ورتو پيو وڃي. هن چيو ته حڪومت صورتحال جو جائزو وٺي رهي آهي، شهرين کي ويڪسين ڪئي وڃي ۽ ايس او پيز تي عمل ڪرايو وڃي

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.