غوثپور ۾ ايس ٽي پي جي ڀاڻ کوٽ خلاف ريلي

غوثپور(ن ع آ) غوثپور ۾ سنڌ ترقي پسند پارٽي پاران ڀاڻ جي هٿرادو کوٽ خلاف ڄام معشوق ڀيو تاج محمد جعفري جاويد ڀيو  راحيل باجڪاڻي ديوان لال ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ ڪارڪنن پاران شهر ۾  احتجاجي ريلي ڪڍي پريس ڪلب آڏو سخت احتجاج ڪري ڀاڻ کوٽ خلاف نعريبازي ڪئي وئي ان موقعي تي اڳواڻن ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته ڊسٽرڪٽ ڪشمور ۾ ضلعي انتظاميا جي ملي ڀڳت سان منافعي خور واپارين پاران ڀاڻ ذخيرو ڪري ڀاڻ بليڪ تي ڳري رقم ۾ وڪرو ڪيو پيو وڃي جيڪا آبادگارن سان ناانصافي آهي

  • ڪنڌڪوٽ مان ڀاڻ سان ڀريل 4 ٽرالر هٿ، ورڇ عمل ۾ پنهنجا نوازي، ڌرڻو

ڪنڌڪوٽ(رپورٽ : ممتاز سنڌي+عرفان علي کوسو)ڪنڌڪوٽ ۾ ڀاڻ جي کوٽ،شهرين جي شڪايت تي ڪنڌڪوٽ مان ڪراس ڪندڙ ڀاڻ سان بريل 4 ٽرالر انتظاميا تحويل ۾ وٺي ڇڏيا، ضلعي انتظاميا ڀاڻ سان ڀريل 4 ٽرالر پنهنجي تحويل ۾ وٺي آبادگارن کي چيو ويو ته ضلعي ناظم هال ۾ ڀاڻ سرڪاري ريٽ تي آبادگارن ۾ ورهايو ويندو.ضلعي انتظاميا جي اهڙي اعلان بعد سوين آبادگار ضلعي ناظم هال پهتا وڏي انگ ۾ آبادگار پهچڻ سبب رش ٿي وئي ۽ هڪ آبادگار پڻ بيهوش ٿي پيو. ضلعي انتظاميا ڀاڻ من پسند ماڻهن کي رشوت عيوض ڀاڻ وڪرو ڪندي. اھڙي عمل خلاف آبادگارن گوليمار ڊسٽرڪٽ ڪامپليڪس آڏو ڊي سي ۽ اي سي جي خلاف ڌرڻو هنيو، يڪجهتي طور سياسي سماجي اڳواڻن محمد اڪرم باجڪاڻي، سجاد بروھي، شاھنواز مرهٽو، گھايل سنڌي ۽ ٻيا ڌرڻي ۾ شريڪ ٿيا،  انھي موقعي اڳواڻن چيو ته ڀاڻ جي کوٽ ظاھر ڪري ھڪ ته بليڪ تي وڪرو پيو ٿئي،  ٻيو وري ڀاڻ سرڪاري اگهه تي ملڻ عام آبادگارن کي مشڪل بڻايو ويو آهي ڊي سي ۽ اي سي ڀاڻ من پسندن، سياسي اثر رکندڙن ۽ ڪميشن عيوض ڏياري رھيا آهن. جڏهن ته  ڪنڌڪوٽ ۾ روينو عملدارن جي ملي ڀڳت سان ڀاڻ جو بليڪ ته وڪرو جاري تفيصل موجب ڪالھ رات ديرسان آيل ڀاڻ جو ٽرالر جيڪو ڪنڌڪوٽ جي وڏي ڊيلرجي معرفت شھراندرداخل ٿيو جنهن کي خالي ڪرڻ لاءِ ٽريڪٽرٽراليون گهرايون ويون، رات جي اونداهه ۾   آيل ڀاڻ روينيو عملدارن ۽ ڊيلرسان گڏ کڻائي مختلف هنڌن تي رکيو ويو ذريعن کان معلوم ٿيو آھي ته سوين ڀاڻ جا ٻورا آيا هئا ۽ انهي ڀاڻ کي ضعلي جي مختلف شھرن ۾ موڪلڻ جو سلسلو جاري رهيو انهي کان علاوه ڀاڻ بليڪ ٿي وڪرو ٿي رهيو آھي ٻي طرف هاري ۽ آبادگار ڪڻڪ جي پوکائي لاءِ بليڪ تي ڀاڻ خريدڻ تي مجبور آھي هوڏانهن  جسقم جي ضعلي اڳواڻ والي ڏنو سبزوئي، ايس ٽي پي ضعلي اڳواڻ اڪرم باجڪاڻي، گهايل سنڌي ۽ ٻين چيو ته سنڌاندرچرٻٽ راجا وارو ڪم هلي رهيو آھي جڏهن ڀاڻ جا ڊيلر۽ روينيوعملدار پوري سنڌاندرڀاڻ جي کوٽ ڪري سنڌي عوام کي ڦرين پيا پرسنڌحڪومت جا وزيريا بااختيارعملدارغائب آھن هنن چيو ته پوري سنڌي ۾ ڀاڻ جي کوٽ کي ختم ڪيو وڃي ڀاڻ جي بحران سبب  سنڌ۾ ڪڻڪ جي پيداوار پڻ گهٽ ٿيندي ۽ هارين آبادگارن ۽ عام ماڻهوکي وڏو نقصان ٿيندو

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.