ڪراچي ۽ لاڙڪاڻي ۾ اين آءِ سي وي ڊي ملازمن جا ڌرڻا

ڪراچي/لاڙڪاڻو(نمائندا) سنڌ اسيمبلي ۾ مخالف ڌر اڳواڻ حليم عادل شيخ نيشنل انسٽيٽيوٽ آف ڪارڊيو ويسڪولر ڊيزيز (اين آءِ سي وي ڊي) جي ملازمن جي احتجاج ۾ شرڪت ڪري يڪجهتي جو اظهار ڪيو آهي، حليم عادل شيخ، سنڌ اسيمبلي ميمبر سعيد آفريدي، پي ٽي آءِ اڳواڻ گوهر خان خٽڪ ۽ ٻين اڳواڻن سان گڏ اين آءِ سي وي ڊي ۾ ملازمن پاران مطالبن جي مڃتا لاءِ قائم ڪيل احتجاجي ڪيمپ تي پهتو ۽ احتجاج ڪندڙ ملازمن سان يڪجهتي جو اظهار ڪندي کين يقين ڏياريو ته جيڪڏهن سندن جائز مطالبا نه مڃيا ويا ته پي ٽي آءِ سندن احتجاج ۾ شامل ٿيندي، ان موقعي تي ميڊيا سان ڳالهائيندي حليم عادل شيخ چيو ته اين آءِ سي وي ڊي ۾ اڳ ئي مريضن کي صحت جون مناسب سهولتون ميسر نه هيون ۽ هاڻي نرسز، پيرا ميڊيڪل اسٽاف ۽ اداري جا ٻيا ملازم پنهنجن مطالبن جي مڃتا لاءِ احتجاج ڪرڻ تي مجبور آهن،،هن چيو ته اين آءِ سي وي ڊي هاڻي دل جي علاج جو مرڪز نه رهيو آهي پر دل ٽوڙيندڙ اسپتال بڻجي ويو آهي، هن چيو ته اداري ۾ اسٽينٽس نه هجڻ سبب 17 کان 25 سيپٽمبر تائين ڪيترن ئي مريضن جو بالون اينجيو پلاسٽي ذريعي علاج ڪيو ويو، اين آءِ سي وي ڊي جي سالياني بجيٽ 12 ارب رپيا آهي ۽ گذريل ڪجهه سالن ۾ 41 ارب رپيا اضافي فراهم ڪيا ويا آهن پر ادارو گذريل ڇهن مهينن کان زڪوات تي هلي رهيو آهي، هوڏانهن  لاڙڪاڻي ۾ اين آءِ سي وي ڊي جي ملازمن مطالبن جي مڃتا لاءِ جنرل ۽ ايڪو او پي ڊي جو بائيڪاٽ ڪري مک گيٽ آڏو احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو جتي هنن سخت نعريبازي پڻ ڪئي، ان موقعي تي ملازمن محمد عمر  نور رحمان، يوسف خان، ممتاز، آصف علي ۽ ٻين چيو ته اسين پنجن سالن کان مسلسل اين آءِ سي وي ڊي ۾ ڊيوٽي ڪري رهيا آهيون پر هن وقت ڪنهن به ملازمن کي پڪو نه ڪيو ويو ۽ ڪورونا جي ڊيوٽي ڪندڙ ملازمن کي 15 مهينن کان رسڪ الائونس جا پئسا ڪونه مليا آهن

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.