حافظ قرآن کي واڌو نمبر ڏئي ميڊيڪل داخلا جي درخواست رد

ڪراچي (رپورٽر) سپريم ڪورٽ ڪراچي رجسٽري ۾ جسٽس قاضي فائز عيسي ۽ جسٽس يحيٰ آفريدي تي ٻڌل ٻه رڪني بئنچ بولان يونيورسٽي ڪوئيٽا ۾ حافظه قرآن ڪوٽا تي واڌو  20 نمبر ڏئي  شاگردياڻي شهلا کي ميڊيڪل داخلا  نه ملڻ جي خلاف درخواست رد ڪري ڇڏي آهي .عدالت پنهنجي رمارڪس ۾ چيو آهي ته حافظه قرآن جي اضافي نمبر تي داخلا تي حوالي سان ڌار ٻڌڻي ڪئي ويندي.  عدالت وفاق ۽ پاڪستان ميڊيڪل ڪميشن سميت ٻين کي نوٽيس جاري ڪري ڇڏيا آهن جسٽس قاضي فائر عيسي پنهنجي رمارڪس ۾ چيو ته هي اهم معاملو آهي، ڌرين کي ٻڌي فيصلو ڪيو ويندو. مسجدجو  امام يا ليڪچرار رکڻ تي  به قابليت هوندي آهي. حافظ قرآن ٿيڻ هڪ مقدس عمل آهي پر ان جي بنياد تي ميڊيڪل ۾ داخلا ڇو ڏني وڃي. 03

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.