افغانستان ۽ ايران ويجها، ڇڪتاڻ جي آمريڪي ڪوشش ناڪام بڻائڻ جو وچن

تهران( م ڊ) ايران ۽ افغانستان ۾ ويجهڙائپ تي آمريڪا جي پريشاني وڌي وئي. ٻنهي ملڪن پاڻ ۾ ڇڪتاڻ جي آمريڪي ڪوششن جي مذمت ڪندي چيو آهي ته پاڙيسري ملڪن کي پاڻ ۾ وڙهائڻ جي آمريڪي خواهش ڪڏهن پوري نه ٿيندي. افغان پرڏيهي وزير امير خان متقي هن وقت ايران جي دوري تي آيل آهي. هن ايران ۾ موجود مخالف ڪمانڊرن احمد مسعود ۽ ڪمانڊر اسماعيل سان به ملاقات ڪئي. ايراني پرڏيهي وزير  حسين امير عبداللنهيان جو چوڻ آهي ته هو چاهين ٿا ته افغانستان ۾ سمورين اڪاين جي نمائندگي واري حڪومت هجي. هن چيو ته آمريڪا ٻنهي پاڙيسري ملڪن ۾ ڇڪتاڻ چاهي ٿو. افغان پرڏيهي وزير چيو ته آمريڪا هن خطي تي اثر انداز ٿي ٻن پاڙيسرين کي ويڙهائڻ چاهي ٿو. 03

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.