مري ۾ سياحن لاءِ ايڊوانس بڪنگ جي تجويز

اسلام آباد (م ڊ) توانائي واري وفاقي وزير حماد اظهر چيو آهي ته سانحن تي پوائنٽ اسڪورنگ بدران مثبت ۽ تعميري بحٿ ٿيڻ گهرجي ته جيئن مستقبل ۾ اهڙي قسم جي سانحن کي ٿيڻ کان روڪي سگهجي، واپڊا ۽ سوئي ناردرن مريءَ ۾ بحالي جي ڪمن ۾ پنهنجو ڪردار موثر طريقي سان ادا ڪيو. ڪالهه سومر ڏينهن قومي اسيمبلي جي اجلاس ۾ مريءَ سانحي ۽ مريءَ ۾ تازي سخت برفباري جي نتيجي ۾ بجلي ۽ سوئي گئس جي بحالي بابت ميمبرن جي سوالن جا جواب ڏيندي حماد اظهر چيو ته مريءَ سانحو انتهائي افسوسناڪ آهي ۽ ڪو به محب وطن ۽ انسانيت جو درد رکندڙ ڏکويل رهڻ کانسواءِ نه ٿو رهي سگهي. هن چيو ته منهنجي تجويز آهي ته مريءَ ۾ مستقبل ۾ ايندڙ سياحن جي لاءِ ايڊوانس بڪنگ کي لازمي قرار ڏنو وڃي

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.