نوازشريف گرين سگنل ڏئي ڇڏيو، اپوزيشن ان هائوس تبديلي لاءِ سرگرم

اسلام آباد(م ڊ) ان هائوس تبديلي لاءِ اپوزيشن پارٽيون سرگرم ٿي ويون، پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري گذريل ڏينهن قومي اسيمبلي ايوان۾ اپوزيشن اڳواڻ شهبازشريف سان ملاقات ڪئي جنهن ۾ حڪومت مخالف تحريڪ ۽ سياسي صورتحال تي ڳالهيون ڪيون ويون، مني بجيٽ تي حڪومت خلاف تحريڪ هلائڻ جي عزم جو اظهار ڪيو ويو، جڏهن ته حڪومت خلاف تحريڪ تي اپوزيشن وچ ۾ وفدن جي صورت ۾ ملاقات جو فيصلو به ڪيو ويو، ن ليگ پاران جي يو آءِ سان به رابطو ڪيو ويو آهي،شهبازشريف ۽ مولانا فضل الرحمان وچ ۾ ملاقات طئي ٿي وئي آهي، شهبازشريف پي ڊي ايم سربراهه مولانا فضل الرحمان کي ان هائوس تبديلي لاءِ راضي ڪندو، نوازشريف پنهنجي پارٽي کي ان هائوس تبديلي لاءِ گرين سگنل ڏئي ڇڏيو، جي يو آءِ سان رابطن بعد پ پ ۽ ن ليگ وچ ۾ لاڳاپن ۾ اڳڀرائي ٿي آهي، ن ليگ جي ذريعن مطابق اميد آهي ته ٻنهي پارٽين وچ ۾ ايندڙ عام چونڊن ۽ ٻين معاملن تي انڊراسٽينڊنگ ٿي ويني، ن ليگ ڪڏهن ناهي چيو ته وزيراعظم کي غيرآئيني طريقي سان هٽايو وڃي، ليگي اڳواڻن چيو ته پ پ ۽ ن ليگ جي گڏجڻ سان ان هائوس تبديلي ۾ ڪا به مشڪل نه ٿيندي،پ پ ۾ به ڪجهه ماڻهو جلد عام چونڊن بابت اسان جي موقف جا حامي آهن،

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.