اهم دهشتگرد ۽ ٽي ٽي پي ترجمان محمد خراساني مارجي ويو

اسلام آباد (م ڊ) پاڪستان کي انتهائي گهربل دهشتگرد محمد خراساني افغانستان جي صوبي ننگرهار ۾ مارجي ويو. ذريعن موجب دهشتگرد محمد خراسان ڪالعدم تحريڪ طالبان پاڪستان جو ترجمان هو، جنهن جو اصل نالو خالد بلتي هو. ذريعن جو چوڻ آهي ته دهشتگرد محمد خراساني ميران شاهه ۾ دهشتگردي جو مرڪز هلائي رهيو هو پر آپريشن ضرب عضب جي ڪاميابي کانپوءِ افغانستان ڀڄي ويو هو. ذريعن موجب محمد خراساني، شاهد الله شاهد کانپوءِ ڪالعدم ٽي ٽي پي جو ترجمان بڻيو، ٽي ٽي پي جي مختلف ڌڙن کي متحد ڪرڻ ۾ مصروف هو. محمد خراساني پاڪستان خلاف دهشتگرد ڪارروائين جي پلاننگ ڪري رهيو هو، هو ڪالعدم ٽي ٽي پي جي سربراهه مفتي نور ولي محسود سان گڏجي پلاننگ ڪري رهيو هو، دهشتگرد محمد خراساني تازو پاڪستان اندر مختلف ڪارروائين جو اشارو ڏنو هو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.