چيف جسٽس سنڌ سيتا واسڻ شاگردياڻي جي آپگهات واقعي جو نوٽيس ورتو، رپورٽ طلب

ڪراچي/دادو (رپورٽر/ ڊر)  سيتا واسي شاگردياڻي ڊاڪٽر عصمت جميل جي خودڪشي  معاملي جو سن ڌ هاءِ ڪورٽ جي  چيف جسٽس نوٽيس ورتو . آءِ جي حيدرآباد ۽ ايس ايس پي دادو 13 جنوري تي رپورٽ سميت طلب.  سيتا واسي ڊاڪٽر عصمت جميل جي مبينا خودڪشي معاملي تي چيف جسٽس سنڌ هاءِ ڪورٽ نوٽيس وٺندي ڊي آءِ جي حيدرآباد ۽ ايس ايس پي دادو کي 13 جنوري تي رپورٽ پيش ڪرڻ جا حڪم جاري ڪيا، جڏهن ته چيف جسٽس ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن جج دادو کي به واقعي جي رپورٽ پيش ڪرڻ جو حڪم ڏنو آهي.  ٻئي طرف سيتا پوليس گرفتار ٿيل نڪاح خوان مولوي ادريس شر ۽ جوابدار ڄاڻايل مک جوابدار جي گهر واري نعيمه سولنگي کي دادو جي عدالت ۾ پيش ڪيو، فرسٽ سول جج جوهي ايٽ دادو جوابدار نعيمه سولنگي کي ٻن ڏينهن جي رمانڊ تي پوليس حوالي ڪيو، جڏهن ته مولوي ادريس شر کي 4 ڏينهن جي رمانڊ تي پوليس حوالي ڪيو.  03

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.