اليڪشن ٽربيونل پاران محمد ميان سومري جي درخواست رد

سکر(رپورٽر) وفاقي وزير محمد ميان سومرو جي تڪ ۾ ووٽن جي ٻيهر ڳڻپ روڪرائڻ لاءِ محمد ميان پاران سکر جي اليڪشن ٽربيونل ۾ داخل درخواست جي ٻڌڻي اليڪشن ٽربيونل جي جج جسٽس محمد جنيد غفار ڪئي، ٻڌڻي دوران ٽربيونل محمد ميان سومرو جي درخواست کي رد ڪندي کيس سپريم ڪورٽ سان رابطو ڪرڻ جي هدايت ڪري ڇڏي آهي ۽ مهيني گذرڻ باوجود ووٽن جي ڳڻپ وارو عمل مڪمل نه تي انتظاميه مٿان سخت ڪاوڙ جو اظهار ڪندي هڪ هفتي اندڙ حڪم تي عمل ڪري رپورٽ پيش ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي، ياد رهي ته پ پ جي اميدوار اعجاز جکراڻي وفاقي وزير محمد ميان سومرو جي ڪاميابي خلاف سکر اليڪشن ٽربيونل ۾ درخواست داخل ڪرائي هئي

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.